اسلام اباد-24 اپريل (اي پي پي ) پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي ڪرڪٽ ٽيمن وچ ۾ پنج ٽي ٽونٽي انٽرنيشنل ميچن تي ٻڌل سيريز جي چوٿين ميچ اڄ خميس واري ڏينهن قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ کيڏي ويندي . ٻنهي ٽيمن وچ ۾ پنج ميچن جي سيريز جي ٽن ٽي ٽونٽي ميچز کيڏيا ويا آهن . ٻنهي ٽيمن جي وچ ۾ مقابلو 1-1 تان برابر آهي پنجن ميچن جي سيريز جو پهرين ٽي ٽونٽي ميچ برسات سبب ملتوي ٿي ويو هيو ٻي ميچ ۾ پاڪستان مهمان نيوزيلينڊ جي ٽيم کي 7 وڪيٽن تان هارائي ڇڏيو جڏهن ته ٽي ميچ ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم پاڪستان جي ٽيم کي 7 وڪيٽن تان هارائي مقابلو 1-1 تان برابر ڪري ڇڏيو هيو پاڪستاني ٽيم اڄ خميس واري ڏينهن مشهور بيٽسمين بابر اعظم جي قيادت هيٺ ميدان ۾ ايندي .