اسلام آباد-17 اپريل (اي پي پي)پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ 5 ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ٽي-ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچ (اڄ) 18 اپريل تي راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي. نيوزيلينڊ جي ٽيم پاڪستان جي دوري تي آيل آهي ۽ اها ميزبان پاڪستان خلاف 5 ٽي-ٽوئنٽي ميچن جي سيريز کيڏندي. 5 ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ 18 اپريل (اڄ)، ٻي ميچ 20 اپريل، ٽين ميچ 21 اپريل، چوٿين ميچ 25 اپريل جڏهن ته پنجين ۽ آخري ٽي-ٽوئنٽي ميچ 27 اپريل تي کيڏي ويندي. سيريز جون 3 ميچون راولپنڊي جڏهن ته 2 ميچون لاهور ۾ کيڏيون وينديون. پاڪستاني ٽيم جي قيادت بابر اعظم ڪندو جڏهن ته نيوزيلينڊ جي ٽيم کي مائيڪل بريسويل ليڊ ڪندو.