ڊيووس – 17 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان ۾ عام چونڊن جون تياريون جاري آهن، عوام 8 فيبروري تي پنهنجي حق جو استعمال ڪندي ايندڙ 5 سالن جي لاءِ حڪومت جي چونڊ ڪندي، معيشت جي بحالي اولين ترجيح آهي، اقتصادي سڌارا لازمي آهن، پاڪستان ۾ ڪنهن کي سياسي سببن جي ڪري جيل ۾ ناهي وڌو ويو، انتشار پکيڙڻ ۽ هنگامن ۾ ملوث عنصر قانون ۽ عدالتن کي منهن ڏئي رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن عالمي اقتصادي فورم ۾ شرڪت جي موقعي تي سي اين بي سي کي ڏنل انٽرويو ۾ ڪيو. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته اليڪشن ڪميشن ايندڙ چونڊن جي لاءِ آئيني گهرجون پوريون ڪري چڪي آهي، پاڪستان ۾ عام چونڊن جون تياريون جاري آهن، چونڊون منعقد ڪرڻ آئيني ذميواري آهي، جيڪا نگران حڪومت بهتر طريقي سان سرانجام ڏيندي. هن چيو ته پاڪستان جي عوام کي چونڊن ۾ ووٽ وجهڻ جو موقعو فراهم ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي، چونڊن جي نتيجي ۾ عوام ايندڙ 5 سالن جي لاءِ پنهنجا نمائندا چونڊيندي. هن چيو ته پاڪستان سميت دنيا جي ڪيترن ئي خطن ۽ ملڪن ۾ جمهوريت ارتقائي مرحلن مان گذري رهي آهي، جنهن ۾ مختلف قسم جا چئلينجز درپيش هوندا آهن، اولهه ملڪن ۾ به جمهوريت پنهنجي اعليٰ معيارن تي پورو ناهي لٿي، پاڪستان ۾ عام چونڊن جو جائزو وٺڻ جي لاءِ ملڪي ۽ غيرملڪي ميڊيا جي نمائندن کانسواءِ عالمي مبصر به موجود هوندا. ميڊيا جي آزادي جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان ۾ ميڊيا کي اولهه ميڊيا کان وڌيڪ آزادي حاصل آهي، اولهه ۾ ميڊيا جي مٿان وڌيڪ سخت ريگيوليشنز آهن. هڪ سياسي پارٽي جي اڳواڻ جي جيل ۾ هجڻ بابت سوال جي جواب ۾ نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ سياسي آزادي آهي، ڪنهن به سياسي پارٽي جو اڳواڻ پنهنجي سياسي راءِ يا خيالن جي ڪري جيل ۾ نه آهي، جيڪي ماڻهو جيل ۾ آهن اهي انتشار ۽ هنگامن ۾ ملوث آهن، ڪنهن به مستحڪم جمهوري ملڪ ۾ هنگاما ۽ انتشار برداشت جوڳا ناهن هوندا. قانون ۽ انصاف جو نظام پنهنجو رستو اختيار ڪندو. هڪ سوال جي جواب ۾ نگران وزيراعظم چيو ته معيشت جي بحالي اسان جي اولين ترجيح آهي. اقتصادي انگن اکرن کي صحيح رخ ۾ گامزن ڪرڻ جي لاءِ سڌارن جو عمل لازمي آهي. هن چيو ته آءِ ايم ايف جون شرطون پوريون ڪري رهيا آهيون. نگران وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي خلاف پاڪستان جو هڪ مضبوط موقف آهي. پاڪستان هر قسم جي دهشتگردي جي مذمت ڪري ٿو. غيرقانوني افغان پناهگيرن جي واپسي تمام ضروري هئي. هن چيو ته پاڪستان گذريل چئن پنجن ڏهاڪن کان افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪري رهيو آهي. غيرقانوني طور تي رهندڙ غيرملڪي پاڪستان جي سيڪيورٽي جي لاءِ خطرو هئا، پاڪستان ۾ جيڪو به اچڻ چاهي اهو قانوني دستاويزن سان اچي سگهي ٿو. هڪ سوال جي جواب ۾ نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي چين سان لاڳاپن جي هڪ تاريخ آهي، عام چونڊن کانپوءِ پاڪستان جي معاشي ۽ سياسي استحڪام جي نتيجي ۾ ترقي ڪرڻ جي ڀرپور صلاحيت موجود آهي.