اسلام آباد – 09 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جو مستقبل روشن آهي، اسان گڏجي پاڪستان کي خوشحال بڻائينداسين، ان کي پنهنجي پيرن تي بيهارينداسين، قرض مان ڇوٽڪارو ڏيارينداسين، 13 پارٽين جي اتحاد پاڪستان کي مشڪل حالتن مان ڪڍيو، 16 مهينن ۾ اسان ڪنهن به سياسي مخالف کي جيل ۾ نه وڌو نه نيب ان جي پٺيان لڳائي، هڪ پارٽي جي سربراهه کي آيل سزا تي اسان کي ڪا خوشي نه آهي، 9 مئي تي هن ملڪ سان ظلم ۽ زيادتي جي انتها ٿي. قومي اسيمبلي ۾ پنهنجي الوداعي خطاب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته 11 اپريل 2022ع تي هن ايوان مون کي وزارت عظميٰ جي عهدي تي فائز ڪيو، آئون سڀني ميمبرن جو ٿورائتو آهيان، اهي 16 مهينا حڪومت جو مختصر ترين عرصو آهي، ان جي مقابلي ۾ بي پناهه چئلينجز هئا، مشڪلاتون سامهون آيون، گزريل حڪومت بار بدترين غفلت ۽ ناڪامين جي ڪري اسان تي پيو، انتهائي اڻوڻندڙ حالتن ۾ حڪومت جي ڏاهن گڏجي ان جو مقابلو ڪيو، بدترين ٻوڏ جو مقابلو ڪيو، آءِ ايم ايف سان گذريل حڪومت معاهدي کي بدمتيزي ۽ غفلت سان ٽڪرا ٽڪرا ڪيو ۽ پاڪستان جي وقار کي به نقصان ٿيو، گزريل حڪومت دوست ۽ ڀائر ملڪن سان لاڳاپن کي نقصان پهچايو، سائفر جي ڪوڙ باهه تي تيل جو ڪم ڪيو، آمريڪا سان لاڳاپا متاثر ٿيا، چين جي خلاف بي بنياد پروپئگنڊه ڪئي وئي، انتهائي ڀائراڻن ۽ دوستاڻن لاڳاپن ۾ خلل آيو، دوست ملڪ کانسواءِ ڪشمير تڪرار جي حل جي ڳالهه هتي بيهي ڪئي وئي، قرض وٺي دنيا آڏو اسان جو ڪنڌ جهڪايو ويو، پاڪستان جي داخلي معاملن تي زهريلي پروپئگنڊه ڪئي وئي، سڀني کي چور ۽ ڌاڙيل چيو ويو انهن حالتن ۾ اسان اقتدار سنڀاليو، مشڪلاتن جي ايتري شدت جو اندازو نه هو، تيل جون قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيون هيون، روس ۽ يوڪرائن جنگ ان جو هڪ سبب هو، 15 ڏينهن کانپوءِ پيٽرول جي قيمتن ۾ ڦيرڦار تي غور فڪر ڪندا هئاسين، اربين ڊالر خرچ ڪري ٻاهران ڪڻڪ گهرائڻي پئي، ڪڻڪ ۽ کنڊ اڳ ۾ برآمد ڪئي وئي، ڪجهه ماڻهن جا کيسا ڀريا ويا، مخالف ڌر کي ڀت سان لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، هڪ ظالم ۽ فاشسٽ حڪومت جو اهو رويو هو، 16 مهينن ۾ اسان ڪنهن به سياسي مخالف کي جيل نه موڪليو يا نيب کي پٺيان نه لڳايو، اسان جو شيوو اهڙو نه آهي، هڪ پارٽي جي سربراهه کي مليل سزا تي ڪا خوشي نه ٿي، ڪي مٺايون نه ورهايون ويون. هن چيو ته هن ملڪ سان ظلم ۽ زيادتي جي انتها 9 مئي تي ٿي، اهو ڪاري ڏينهن طور ياد رکيو ويندو، ان ڏينهن هن ملڪ جي سرحدن جي محافظن جي يادگارن جي توهين ڪئي وئي، دهشتگردي هن ملڪ کي تمام گهڻو نقصان پهچايو، هر شعبي سان تعلق رکندڙ ماڻهن پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا، سياسي ڏاها ان جو نشانو بڻيا، ان کي شڪست فاش ٿي، 80 هزار جانيون ويون، دنيا ان جي معترف آهي. وزيراعظم چيو ته اڳوڻي وزيراعظم طالبان جي واپسي جو بيان ڏنو ته اهي هتي اچن، هي انهن جو گهر آهي ۽ ان کانپوءِ دهشتگرد حملا ٻيهر شروع ٿي ويا، اهو دهشتگردي جو ناسور دفن ٿي چڪو هو، ان جو ڪريڊٽ شهيدن کي وڃي ٿو، 9 مئي تي جيڪو ٿيو اها هڪ بغاوت هئي، هن ملڪ ۾ وزيراعظم شهيد ڪيو ويو، ڪنهن کي جلاوطن ڪيو ويو، ڪنهن اهڙو رويو اختيار نه ڪيو، هن ايوان کي ان بدترين سازش جو نوٽيس وٺندي اها قرارداد منظور ڪن ته جيئن ڪير قيامت تائين 9 مئي جهڙي حرڪت ٻيهر نه ڪري سگهي. هن چيو ته 16 مهينن ۾ منهنجي زندگي جو سڀ کان مشڪل ۽ سخت امتحان هو، اهڙيون حالتون هيون هتي سيڙپڪاري مشڪل هئي، آءِ ايم ايف سان معاهدي جو چئلينج هو، الله جو شڪر آهي اهو معاهدو ٿي ويو ۽ پاڪستان جي ڏيوالو نڪرڻ جي خطري مان نڪري ويو جيڪي پاڪستان جي ڏيوالي ٿيڻ جون دعائون ڪري رهيا هئا انهن جو مڪروهه چهرو قوم آڏو اچي ويو، پنهنجي ٻن حڪومتن کي خط جاري نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي، ماضي جي حڪومت ۽ ٻين حڪومتن جو اهو ئي فرق آهي، انهن پنهنجي ذات پاڪستان جي لاءِ قربان ڪئي، هي پاڪستان کي پنهنجي ذات تي قربان ڪرڻ چاهيندا هئا، هاڻي اسان وڏن مسئلن مان نڪري رهيا آهيون، ڪڻڪ جي پيداوار مقامي ٿي، ڪپهه جي پيداوار به متوقع آهي. سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جو قيام عمل ۾ آندو ويو جنهن زراعت، معدنيات سميت چار نقاطي ويزن ڏنو آهي، نگران حڪومت ۽ چونڊن کانپوءِ نئين ايندڙ حڪومت ان ويزن تي عمل پيرا ٿيندي، جيڪڏهن اسان جو اتحاد ٻيهر اقتدار ۾ آيو ته محنت، امانت ۽ ديانت سان ڪم جاري رکندو. هن چيو ته اختر مينگل جو ٿورائتو آهيان، ٻين حڪومتي اڳواڻن جا ٿورائتا آهيون، مخالف ڌر اڳواڻ، پي اي سي چيئرمين ۽ هائوس جي ميمبرن پاران پنهنجي وزارت عظميٰ جي لاءِ نامزدگي تي انهن جو ٿورائتو آهيان، مثبت تنقيد وڏي دل سان قبول ڪئي، ان مان سبق سکيو، الله کي غرور نه عاجزي پسند آهي. هن چيو ته بلوچستان پيارو صوبو آهي، اتي جي ترقي ۽ خوشحالي جو ڦيٿو پٺتي رهجي ويو، اتان جي ماڻهن جون ٻيون به گلائون آهن، جائز مطالبا آهن، انهن کي تسليم ڪريون ٿا، بلوچستان کي جيترا وسيلا ڏنا وڃن گهٽ آهن، گوادر چار ڀيرا ويس، پاڻي ۽ بجلي منصوبو اتي مڪمل ٿي ويو، جيڪي مسئلا حل ٿيڻ کان رهجي ويا گڏجي ڪوشش ڪنداسين انهن کي حل ڪريون، اسان کي صبر ۽ برداشت کان ڪم وٺڻو آهي. هن چيو ته بلوچستان کانسواءِ پاڪستان اڳتي نه ٿو وڌي سگهي. هن محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي سياسي خدمت کي خراج عقيدت ۽ مسلم ليگ (ن) جي قائد نواز شريف کي خراج تحسين پيش ڪيو. هن چيو ته 13 پارٽين جي اتحاد جهڙي طريقي سان منهنجي رهنمائي ڪئي ان کي خوشگوار ياد طور سنڀالي رکندس، انهن جي محبتن ۽ مهربانين جو ٿورائتو رهندس، اسان سڀ پاڪستاني ۽ هڪ گلدستي وانگر آهيون. هن اسپيڪر، سينيٽ چيئرمين، سينيٽ ميمبرن، وفاقي وزيرن، اپوزيشن پارٽين ۽ ايوان جي ميمبرن جا ٿورا مڃيا جن ايوان جي ڪارروائي ۾ ڀرپور حصو ورتو. وزيراعظم چيو ته بلاول ڀٽو زرداري هن حڪومت کي جوڙي رکيو ۽ سفارتي محاذ تي پاڪستان جي لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو، پاڪستان جي نالي کي اجاگر ڪيو، ان جو مستقبل روشن آهي. وزيراعظم چيو ته نگران وزيراعظم جي لاءِ خميس ڏينهن مخالف ڌر اڳواڻ سان ملاقات ٿيندي، اسان سڀني کي گڏجي پاڪستان کي خوشحال بڻائڻو آهي، اسان حڪومت يا اپوزيشن جتي به هونداسين پاڪستان کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار اداڪريون، هن ملڪ کي قرضن کان ڇوٽڪارو ڏيارينداسين.