بنگلاديش ۽ افغانستان وچ ۾ ٻئين ون ڊي ڪرڪيٽ ميچ سڀاڻي 8 جولاءِ تي کيڏي ويندي

چٽاگرام- 06 جولاءِ (اي پي پي) بنگلاديش ۽ افغانستان جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ون ڊي انٽرنيشنل ميچن تي مشتمل سيريز جي ٻي ميچ سڀاڻي 8 جولاءِ تي چٽا گرام ۾ کيڏي ويندي، افغانستان جي ٽيم کي ميزبان بنگلاديش خلاف ون ڊي سيريز ۾ 1-0 جي سرسري حاصل آهي، افعانستان جي ٽيم پهرين ون ڊي ميچ ۾ بنگلاديش جي ٽيم کي 17 رنسن تان شڪست ڏني هئي، ان کان …

چٽاگرام- 06 جولاءِ (اي پي پي) بنگلاديش ۽ افغانستان جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ون ڊي انٽرنيشنل ميچن تي مشتمل سيريز جي ٻي ميچ سڀاڻي 8 جولاءِ تي چٽا گرام ۾ کيڏي ويندي، افغانستان جي ٽيم کي ميزبان بنگلاديش خلاف ون ڊي سيريز ۾ 1-0 جي سرسري حاصل آهي، افعانستان جي ٽيم پهرين ون ڊي ميچ ۾ بنگلاديش جي ٽيم کي 17 رنسن تان شڪست ڏني هئي، ان کان اڳ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ڍاڪا ۾ کيڏيل واحد ٽيسٽ ميچ ۾ ميزبان بنگلاديش جي ٽيم مهمان افغانستان ٽيم کي 546 رنسن تان شڪست ڏني هئي، افغانستان جي ٽيم بنگلاديش جي دوري تي آهي جتي ميزبان ٽيم خلاف ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز سميت 2 ٽي ٽوئنٽي ميچون به کيڏندي. ٽي هڪ ڏينهن واري ميچن جي سيريز جو ٻيو ميچ 8 جولاءِ تي جڏهن ته ٽيون ۽ آخري ون ڊي ميچ 11 جولاءِ تي کيڏيو ويندو. ون ڊي سيريز جون ٽئي ميچون ظهور احمد چوڌري اسٽيڊيم چٽاگرام ۾ کيڏيون وينديون، جنهن کانپوءِ ٻه ٽي ٽوئنٽي ميچيون 14 ۽ 16 جولاءِ تي کيڏيون وينديون.

مزید خبریں