اسلام آباد – 04 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ڀارت جي شهر گووا پهچي ويو. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس پاران ٻڌائي وئي. پرڏيهي وزير کي اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت ايس سي او جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي موجوده سربراهه ڀارتي پرڏيهي وزير ڏني آهي.
بلاول ڀٽو زرداري ايس سي او جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ گووا پهچي ويو