اسلام آباد – 26 – اپريل (اي پي پي) وفاقي ڪابينا پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي عام چونڊن جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي 21 ارب رپين جي فراهمي جي حوالي سان ناڻي واري وفاقي وزارت جي سمري پارليامينٽ ڏانهن موڪلڻ، اليڪٽرڪ بائيڪس ۽ اليڪٽرڪ رڪشائن جي حوالي سان فنانسنگ فيسيليٽي ۽ انويسٽ پاڪستان جي لاءِ قانونسازي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪبل سوات جي سي ٽي ڊي اسٽيشن ۾ ٿيندڙ واقعي جي جاچ ۾ وفاقي حڪومت جو نمائندو شامل ڪرڻ ۽ شهيد ٿيندڙن کي شهداءِ پئڪيج ڏيڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو. وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ سوات جي علائقي ڪبل ۾ ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ پوليس اسٽيشن ۾ ٿيندڙ واقعي جي نتيجي ۾ قيمتي جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ويو ۽ شهيدن جي لاءِ فاتحه خواني ۽ حادثي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي وئي. وزيراعظم وفاقي گهرو وزارت کي ڪبل سوات جي سي ٽي ڊي اسٽيشن ۾ ٿيندڙ واقعي جي جاچ ۾ وفاقي حڪومت جو نمائندو شامل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم وڌيڪ هدايت ڪئي ته پشاور پوليس لائين ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙن کي جيڪو پئڪيج ڏنو ويو انهي طرز تي شهداءِ پئڪيج ڪبل واقعي ۾ شهيد ٿيندڙن کي پڻ ڏنو وڃي. وفاقي ڪابينا پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي عام چونڊن جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي 21 ارب رپين جي فراهمي جي حوالي سان ناڻي واري وزارت جي سمري پارليامينٽ ڏانهن موڪلڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا سيڙپڪاري بورڊ جي سفارش تي انويسٽ پاڪستان جي لاءِ قانونسازي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، ان قانونسازي جي ذريعي سيڙپڪاري بورڊ تحت ”انويسٽ پاڪستان“ جي آفيس قائم ڪئي ويندي جيڪا پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ۾ ڪم ڪندي، ڄاڻايل قانونسازي سيڙپڪار دوست سروسز جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ ۾ مدد ڏيندي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪابينا جي 8 نومبر 2017ع جي فيصلي جنهن ۾ سمورين وزارتن ۽ ڊويزنن کي ان ڳالهه جو پابند ڪيو ويو هو ته اهي پنهنجي ايڪٽ ۽ رولز ۾ لفظ ”وفاقي حڪومت“ جي جڳهه ”موزون اٿارٽيز“ جو استعمال ڪرڻ جي لاءِ ترميمون ڪن، جي حوالي سان گائيڊ لائينز جي منظوري ڏني وئي. وفاقي ڪابينا سامونڊي معاملن واري وزارت جي سفارش تي ان لينڊ روينيو سروس جي گريڊ 21 جي آفيسر سيدين رضا زيدي کي ڊيپوٽيشن جي بنياد تي ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جو چيئرمين مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني. وفاقي ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 13 اپريل 2023ع تي ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪئي. انهن فيصلن ۾ ڏکڻ وزيرستان جي انگور اڏه ڪسٽم اسٽيشن کي افغانستان ۽ وچ ايشيائي رياستن جي لاءِ ايڪسپورٽ لينڊ روٽ ڊڪليئر ڪرڻ جي منظوري شامل آهي. وڌيڪ اهو ته انهن ئي فيصلن ۾ ماحول دوست اليڪٽرڪ بائيڪس ۽ اليڪٽرڪ رڪشائن جو استعمال عام ڪرڻ جي لاءِ فنانسنگ فيسيليٽي جي منظوري پڻ شامل آهي جنهن تحت 5 لک رپين جو قرض پرائيم منسٽر يوٿ بزنس اينڊ ايگريڪلچر لون اسڪيم جي ذريعي ٻُڙي سيڪڙو مارڪ اپ تي دستياب هوندو. ان قدم سان ملڪ کي مهانگي ٻارڻ جي درآمد جي مد ۾ خاطرخواهه بچت ٿيندي.