اسلام آباد – 17 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ هڪ تمام وڏي معاشي چئلينج مان گذري رهيو آهي، سعودي عرب هڪ ڀيرو ٻيهر ڪمال مهرباني ڪندي اسان کي 2 ارب ڊالر ڏنا آهن، اهڙي طرح يو اي اي به منهنجي درخواست تي هڪ ارب ڊالر ڏنا آهن، ان جي باوجود اسان جي پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن جي پوزيشن اڃان بهتر ناهي ٿي، وزيراعظم مذهبي معاملن واري وفاقي وزير مفتي عبدالشڪور کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته هو انتهائي ايماندار شخصيت ۽ وڏو عالم هو، الله تعاليٰ جي ذات، موت ۽ حلال رزق تي پڪو يقين رکندو هو، بهترين حج انتظام سندس ئي ڪوششن جو نتيجو آهي، هي ايوان ۽ ڪابينا ئي نه ملڪ هڪ عظيم شخصيت ۽ مفڪر کان محروم ٿي ويو آهي، ملڪ وڏي معاشي چئلينج مان گذري رهيو آهي، يو اي اي هڪ ارب ڊالر ۽ سعودي عرب 2 ارب ڊالر ڏنا آهن. قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته ملڪ هڪ تمام وڏي معاشي چئلينج مان گذري رهيو آهي، اها ڳالهه سڀني کي خبر آهي. هن ٻڌايو ته سعودي عرب هڪ ڀيرو ٻيهر ڪمال مهرباني ڪندي اسان کي 2 ارب ڊالر ڏنا آهن، اهڙي طرح يو اي اي به منهنجي درخواست تي هڪ ارب ڊالر ڏنا آهن. وزيراعظم چيو ته ان جي باوجود اسان جي پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن جي پوزيشن اڃان بهتر ناهي ٿي. وزيراعظم مذهبي معاملن واري وفاقي وزير مفتي عبدالشڪور کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته اسان سڀ مفتي عبدالشڪور جي لاڏاڻي تي ڏکويل آهيون. هن چيو ته منهنجي ان سان پهرين ملاقات ان وقت ٿي جڏهن اسان 2018ع ۾ چونڊجي آياسين ته مُخالف ڌر ۾ هُجڻ جي ڪري ان سان ڪڏهن ڪڏهن ملاقات ٿيندي هئي پر جڏهن هو ڪابينا ۾ آيو ته ان کي ويجهي کان ڏسڻ جو موقعو مليو، مفتي عبدالشڪور اسان جي ڪابينا جو هيرو هو، هو انتهائي ايماندار شخصيت ۽ وڏو عالم هو، هاڻي خبر پئي ته هو مسجد سان گڏ هڪ ننڍي گهر ۾ رهندو هو، هن پنهنجي چونڊ مهم موٽرسائيڪل تي هلائي، هو پنهنجي ڳالهه ڪنهن به هٻڪ کانسواءِ ڪرڻ جو وڏو ماهر هو. هن چيو ته آئون هڪ راز ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته جڏهن ڪابينا اهو فيصلو ڪيو ته ملڪ جي سخت ۽ مشڪل حالتن ۾ جيڪو به ميمبر پنهنجي پگهار ۽ مراعتون سرنڊر ڪرڻ چاهي ته اسان ان کي ڀليڪار چونداسين، ڪابينا جي وڏي انگ اسان جي ان فيصلي سان اتفاق ڪيو، مفتي صاحب به ڳالهه ڪرڻ جي اجازت گهري ۽ چيو ته وزيراعظم منهنجو گذارو ان پگهار کانسواءِ نٿو ٿي سگهي ۽ هو مون کي چوڻ لڳو ته وزيراعظم توهان کي منهنجي اها ڳالهه بري ته نه لڳي ته مون کيس چيو ته مون کي توهان جي ڳالهه تمام سٺي لڳي ڇو ته هو هڪ سچو شخص هو، الله تعاليٰ جي ذات، موت ۽ حلال رزق تي پڪو يقين رکندو هو. هن چيو ته اڳوڻن دورن ۾ حج سان لاڳاپيل شڪايتون ملنديون هيون پر هن ڀيري مفتي عبدالشڪور بطور مذهبي معاملن واري وزير وڏي خوشي اسلوبي سان حج انتظام ڪرايا ۽ انهن سمورن انتظامن جو سهرو مفتي عبدالشڪور ڏانهن وڃي ٿو ڇو ته هن سعودي عرب ۾ ديرو ڄمايو ۽ پاڻ سمورن حج انتظامن جي نگراني ڪئي. وزيراعظم چيو ته هن ڀيري حج جي لاءِ اسان کي پرڏيهي ناڻو گهربل هو جنهن جي لاءِ مفتي صاحب وڏي محنت ڪئي ۽ دعائون ڪيون، ناڻي واري وزير جڏهن اهو معاملو ڪابينا آڏو رکيو ۽ ڪابينا خوشدلي سان مفتي صاحب جي اها ڳالهه تسليم ڪئي. هن چيو ته هي ايوان ۽ ڪابينا ئي نه ملڪ هڪ عظيم شخصيت ۽ مفڪر کان محروم ٿي ويو آهي، مفتي عبدالشڪور جي يو آءِ جي مٿي جو جهومر هو.