
اسلام آباد – 23 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي صدر مولانا فضل الرحمان ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي مواصلات وارو وفاقي وزير مولانا اسعد محمود پڻ موجود هو.