اسلام آباد – 23 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته اسلام آباد وڏي تباهي کان بچي ويو، الحمدالله! آءِ سي ٽي پوليس، ايگل اسڪواڊ کي سلام، دهشتگردي جي مذمت ڪريون ٿا. اسلام آباد خودڪش ڌماڪي جي مذمت ڪندي پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته فرضن جي ادائيگي ۾ شهيد عديل حسين، ان جا زخمي ساٿي قوم جا هيرو آهن، بدامني کان ڇوٽڪاري ۾ ئي پاڪستان جي خوشحالي آهي. هن پونئيرن جي صبر، شهيد جي درجن جي بلندي ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.