اسلام آباد – 28 جون (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته پاڪستان ايران سان پنهنجي لاڳاپن کي وڏي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ کيس هڪ ويجهو دوست تصور ڪري ٿو، ميڊيا جي شعبي ۾ لاڳاپن ۾ اضافي سان پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ پهرين کان موجود ٺوس لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم ٿيندا، ٻنهي ملڪن جي گڏيل تاريخ، مذهب، ثقافت ۽ ورثو آهي جيڪو ٻنهي ملڪن کي دوستي ۽ ڀائيچاري جي تعلق ۾ جڙيل آهن. ايراني سفير مهدي هنر دوست سان ملاقات دوران ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ ميڊيا جي شعبي ۾ لاڳاپن ۾ اضافي سان ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ پهرين کان موجود ٺوس لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم ٿيندا.