اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران نيازي جي لانگ مارچ جو اسلام آباد پهچڻ کان اڳ ئي بسترو گول ٿي ويندو، مسلم ليگ (ن) عمران نيازي جي ڌرڻي کي منهن ڏيڻ ڄاڻي ٿي، رت جي داغن، بندوقن، گارگند ۽ خوني انقلاب سان چونڊون ناهن ملنديون، عمران نيازي چاهي ٿو ته ملڪ ۾ ايمرجنسي لڳي، هو ملڪ ۾ انتشار ۽ ورڇ پيدا ڪرڻ چاهي ٿو، ان جهڙو آئين ٽوڙيندڙ پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪڏهن نه آيو ، 2014ع ۾ به عمران نيازي چين جي صدر جي پاڪستان جي دوري کي سبوتاز ڪرڻ جي لاءِ ڪنٽينر تي هو ۽ اڄ به هو وزيراعظم جي چين جي دوري دوران ڪنٽينر تي آهي، نه اڳ ۾ ان جي هٿ ڪجهه آيو نه هاڻي ڪجهه ايندو، وزيراعظم جو چين جو دورو سي پيڪ منصوبن جي لاءِ نئين سنگ ميل ثابت ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم شهباز شريف جي چين جي دوري دوران ۽ سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم اهم دوري تي چين روانو ٿي رهيو آهي. چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي اڳواڻ شي جن پنگ ٽيون ڀيرو صدر چونڊيو آهي ۽ چين جي صدارتي چونڊن کانپوءِ اهو ڪنهن به ملڪي سربراهه جو پهريون دورو آهي. هن چيو ته صدر شي جن پنگ جي پاڪستان جي ترقي لاءِ جذبن، پاڪستان ۽ چين جي عوامل اءِ فخر جو سبب آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران نيازي جي چار سالا دور ۾ سي پيڪ تعطل جو شڪار ٿيو، ان جي دور ۾ جوائنٽ ڪوآپريشن ڪميٽي (جي سي سي) جو هڪ اجلاس به نه ٿيو، جي سي سي ان ڳالهه جو تعين ڪري ٿي ته ڪهڙا منصوبا هلي رهيا آهن ۽ ڪيستائين پهتا آهن ۽ انهن منصوبن جي مانيٽرنگ ٿئي ٿي ۽ نئين شامل ٿيندڙ منصوبن تي جي سي سي کي ڪم ڪرڻو هوندو آهي. هن چيو ته جي سي سي جي ٻه هفتا اڳ گڏجاڻي ٿي آهي، جنهن ۾ سي پيڪ منصوبن جو جائزو ورتو ويو. هن چيو ته وزيراعظم جو چين جو دورو سي پيڪ جي لاءِ هڪ سنگ ميل ثابت ٿيندو. سي پيڪ جي تعطل جي شڪار منصوبن، نون منصوبن ۽ اڳ کان جاري منصوبن جي حوالي سان معاهدن تي صحيحون ٿينديون. وزيراعظم جي چين جي دوري جي حوالي سان سموريون سرگرميون پي ٽي وي تي نشر ٿينديون. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف چار کان پنجن مهينن دوران سي پيڪ جي رڪيل منصوبن ۽ تعطل جو شڪار چيني سيڙپڪاري کي بحال ڪيو. ايڊمنسٽريٽو بلاڪس کي مڪمل ڪري سي پيڪ جو هڪ نئون دور شروع ڪيو. هن چيو ته صدر شي جن پنگ ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف 2013ع ۾ جيڪو ويزن ڏنو هو، اهو رڳو پاڪستان جي لاءِ نه پر سڄي خطي جي لاءِ آهي. ان ويزن تحت ملڪ جي نوجوانن جي ترقي، انهن کي روزگار جي فراهمي ۽ ترقياتي منصوبن کي مڪمل ڪرڻ شامل آهي. وزيراعظم شهباز شريف جو هي دورو ان سلسلي جي ڪڙيءَ آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته هڪ طرف وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان جي سفارتي لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ ۽ عالمي سيڙپڪاري جي لاءِ چين جي دوري تي روانو ٿيو ته ٻئي طرف هڪ شخص (عمران خان) ڪنٽينر تي چڙهيل آهي، هي شخص 2014ع ۾ صدر شي جن پنگ جي پاڪستان جي دوري کي سبوتاز ڪرڻ جي لاءِ ڪنٽينر تي هو، ان جي ڪري سي پيڪ دير جو شڪار ٿيو، اڄ اهو شخص ٻيهر ڪنٽينر تي بيهي پاڻ ايڪسپوز ٿي رهيو آهي. هن چيو ته 2014ع ۾ به هي امپائر جي آڱر جو انتظار ڪندي ڪندي 126 ڏينهن جو ڌرڻو هڻي گهر هليو ويو هو، ان وقت به ان جي هٿ ڪجهه نه آيو هو. هن چيو ته عمران نيازي جي تقريرن مان مايوسي ظاهر ٿي رهي آهي. عمران نيازي گارگند، ڌمڪين ذريعي ماڻهن کي اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته تمام وڏي حقيقي جنگ جاري آهي. هن چيو ته عمران نيازي ڪالهه ٽوئيٽ ڪيو جيڪو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته علي امين گنڊاپور بندوقن سان مورچا عمران خان جي چوڻ تي لڳائي رهيو هو، ان ڳالهه ۾ اڳ ۾ به ڪو شڪ نه هو، هاڻي اهو ثبوت اچي ويو آهي، عمران نيازي ڪالهه چئي ڇڏيو آهي ته بيلٽ يا بلڊ شيڊ. هن چيو ته بندوق، گارگند ۽ خوني انقلاب سان اليڪشن ناهي ملندي. عمران نيازي جڏهن وزيراعظم هو ته ان وٽ اليڪشن ڪرائڻ جو آئيني اختيار هو، هاڻي هو سمجهي ٿو ته ان جي ڌمڪي، گارگند ۽ بلڊ شيڊ جهڙن بيانن سان کيس چونڊون ملي وينديون، ائين هرگز نه ٿيندو. عمران نيازي چاهي ٿو ته ادارا آئين سان گڏ نه بيهن، هو چاهي ٿو ته ماڻهو سندس چوري، ڌاڙي، نالائقي ۽ ڪرپشن سان گڏ بيهن، ائين هرگز نه ٿيندو، عمران نيازي ڪالهه مارشل لا لڳائڻ جي ڳالهه ڪئي جنهن مان اها ڳالهه واضح ٿي وئي آهي ته اهي چونڊون نه ٿا چاهين، انهن جو مقصد ملڪ ۾ رتوڇاڻ، انتشار ۽ فساد پکيڙڻ آهي. هن چيو ته عمران نيازي ملڪ کي ورڇ ڪرڻ جي سازش ڪري رهيو آهي، هو چاهي ٿو ته پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي پوليس وفاق تي چڙهائي ڪري، ملڪ ۾ ايمرجنسي لڳي، اها ئي ان جي ذهنيت آهي. هن چيو ته عمران نيازي هڪ طرف گارگند، ڌمڪي ڏي ٿو ۽ غلاظت اوڳاڇي ٿو ۽ ٻئي طرف چوي ٿو ته آئون ادب سان ٻڌائي رهيو آهيان، اهو ان جو دماغي مسئلو آهي، هو مايوسي جو شڪار آهي. هن چيو ته 1500 کان 2000 ماڻهو 22 ڪروڙ عوام ناهي هوندي، 22 ڪروڙ عوام چاهي ٿي ته ملڪ جي اندر آئين جي بالادستي هجي، ملڪ آئين موجب هلي جڏهن ته عمران نيازي چاهي ٿو ته انهن جي چار سالن دوران ڪيل چورين ۽ ڪرپشن تي پڙدو وڌو وڃي. هن چيو ته عمران نيازي پنهنجي هڪ ڏينهن جي ڪارڪردگي تي ڪو هڪ جملو ٻڌائي نه ٿو سگهي، ان وٽ پنهنجي ڪارڪردگي تي ڳالهائڻ جي لاءِ هڪ لفظ نه آهي. هن چيو ته چونڊون پنهنجي وقت تي ٿينديون، حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪري چونڊون ڪرائيندي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ڪالهه تاريخي آبادگار پئڪيج جو اعلان ڪيو جڏهن ته عمران نيازي ملڪ ۾ مارشل لا لڳرائڻ جو مطالبو ڪيو، اها عمران نيازي جي دماغ جي فرسٽريشن آهي. هن چيو ته وزيراعظم اتحادي حڪومت جي منظوري سان تاريخي آبادگار پئڪيج ڏنو، آبادگار پئڪيج ۾ ڏني ويندڙ مراعتن سان زرعي شعبو ترقي ڪندو، وزيراعظم جيڪي اعلان ڪيا آهن، انهن تي عملدرآمد فوري شروع ٿيندو، وزيراعظم پاڻ ان جي مانيٽرنگ ڪندو. هن چيو ته پاڪستان بندوقن ۽ گولين سان وجود ۾ نه آيو هو، ان جي لاءِ قربانيون ڏنيون ويون هيون. هن چيو ته عمران نيازي چوي ٿو ته ميڊيا تي پابندي آهي، جيڪڏهن ان جو آواز ميڊيا تي هلي رهيو آهي ته ان جو مطلب آهي ته ميڊيا تي ڪا پابندي نه آهي. هن چيو ته عمران نيازي شهيدن جي خلاف مهم هلائي، پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪڏهن ائين ناهي ٿيو ته هڪ سياسي ليڊر ڪنٽينر تي چڙهي بندوق ۽ بلڊ شيڊ جي ڳالهه ڪري ۽ مارشل لا لڳائڻ جو مطالبو ڪري. هن چيو ته عمران نيازي جو ذهن هڪ ڊڪٽيٽر، فاشسٽ، ميڊيا پريڊيٽر جو ذهن آهي، عمران نيازي کي ڪرپشن، ميڊيا پريڊيٽر، نالائق، نااهل، چور ۽ ڦورو جو سرٽيفڪيٽ ملي چڪا آهن، اليڪشن ڪميشن فارن فنڊنگ ڪيس ۾ سندس خلاف فيصلو ڏنو ته هي اليڪشن ڪميشن کي ڌمڪين تي لهي آيو. هن چيو ته پاڪستان جي عوام عمران نيازي جي فاشسٽ ذهن ۽ انقلاب جي اصل حقيقت ڄاڻڻي آهي، عمران نيازي چاهي ٿو ته ملڪ جي اندر خوني انقلاب اچي، خوني مارچ ٿئي. هن چيو ته پاڪستان رياست پنهنجي سهرين جي تحفظ کي يقيني بڻائيندي. هن چيو ته عمران نيازي پاڻ هڪ ڏوهاري آهي، ان جي چوري پڪڙي وئي آهي، عمران نيازي بند ڪمري ۾ آرمي چيف کي توسيع ڏيڻ جي آڇ ڪئي، آئين سان کلواڙ ڪيو، هن پاڻ مڃيو ته مون آڇ ڪئي هئي، عمران نيازي جهڙو آئين ٽوڙيندڙ پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪڏهن ناهي آيو، هن آئيني عهدن تان آئين شڪني ڪرائي، سپريم ڪورٽ به عمران خان کي آئين شڪني جو سرٽيفڪيٽ ڏنو آهي. هن چيو ته عمران نيازي ڪنٽينر تي بيهي خوني انقلاب جا نعرا لڳرايا، مارشل لا جو مطالبو ڪيو، ان کي شرم اچڻ گهرجي. هن چيو ته انشاءَ الله پاڪستان ۾ جمهوريت وڌندي ويجهندي رهندي، اسان عوام جي خدمت ڪندا رهنداسين. هن چيو ته عمران خان ٻين کي چور چوي ٿو ۽ چار سال دوران هو چوري جو هڪ الزام ثابت نه ڪري سگهيو، نواز شريف، شهباز شريف، حمزه شهباز، مريم نواز، احسن اقبال، راڻا ثناءُ الله، شاهد خاقان عباسي، مفتاح اسماعيل، حنيف عباسي، سلمان رفيق، سعد رفيق سميت جيترن ماڻهن تي ڪيسز ٺاهيا ۽ الزام هنيا پر هڪ الزام ثابت نه ڪري سگهيا. هن چيو ته عمران نيازي چوندو هو ته سڄي طاقت مون وٽ آهي، اڄ ٻين تي الزام هڻي ٿو. هن چيو ته عمران نيازي طيبه گل کي اغوا ڪري وزيراعظم هائوس ۾ بند ڪيو، ڊي جي ايف آءِ اي کي باٿم روم ۾ بند ڪيو،، نيب نيازي ڳٺ جوڙ ۽ نيب چيئرمين کي بليڪ ميل ڪري پنهنجي سياسي مخالفن کي جيلن ۾ وڌو، هو هڪ بزدل شخص آهي جيڪو بندوقن سان انقلاب آڻڻ جا نعرا هڻي ٿو. هن چيو ته عمران نيازي جو مقص3د جمهوريت نه آهي، ڪنهن به قسم جي آئين جي بالادستي نه آهي، ان جو مقصد اهو آهي ته جيڪڏهن منهنجو اقتدار نه آهي ته ملڪ جا ٽڪرا ڪري ڇڏيو. عمران نيازي اليڪشن، جمهوريت، امن، ترقي نه ٿو چاهي، هو نه ٿو چاهي ته عوام کي روزگار ملي، ان جي پوري ڪوشش آهي ته ڪير به عوامي ترقي ۾ حصو نه وجهي سگهي. هن چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) عمران نيازي جي ڌرڻي کي منهن ڏيڻ ڄاڻي ٿي، نواز شريف جي قيادت ۾ 2014ع ۾ به 126 ڏينهن جي ڌرڻي کانپوءِ عمران نيازي کي گهر موڪليو هو، هاڻي به اسلام آباد پهچڻ کان اڳ ان جو بسترو گول ٿيندو ۽ هي گهر ويندو.