اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڻي وسيلن واري وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته ڊيم ٺهيل هُجن ها ته اسان دُنيا کي پاڻي ڏيئي رهيا هُجُون ها، اسان 40 سال ڊيم نه ٺـاهي ضايع ڪري ڇڏيا، نولانگ ڊيم ٺهيل هُجي ها ته سنڌ جا ٽي ضلعا ٻوڏ سان متاثر نه ٿين ها، پاڻي ذخيرو نه ڪيوسين ته ايندڙ 10 سالن ۾ سخت ڏُڪار ايندو، ڀاشا ڊيم کي مُڪمل ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات ڪوششُون ڪري رهيا آهيُون، موسميات کاتي جي ڪارڪردگي بهتر ناهي، ٿر ۾ جديد ٽيڪنالاجي جا تجربا ڪرڻ گهرجن، ٿر ۾ پاڻي جا 700 آر او پلانٽ لڳايا ويا هئا پر هن وقت 100 آر او پلانٽ هلي رهيا آهن ۽ 600 بند آهن، پاڻي محفوظ ڪرڻ لاءِ ڪي به قدم نه کڻڻ تي سياستدان ذميدار آهن. قرض ملڻ تي پاڪستان هڪ قدم پوئتي هليو وڃي ٿو، قرض ملڻ تي خوشيُون نه ملهائڻ گهرجن. اسلام آباد ۾ ٻي واٽر ويڪ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پاڻي وسيلن واري وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه چيو ته موسمياتي تبديلين سان تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي، اسان کي پاڻي کي محفوظ بڻائڻو آهي، ڇو ته پاڻي پاڻ هڪ زندگي آهي، اسان وٽ پاڻي نه آهي، اسان کي اڄ کان 40 سال اڳ موقعو مليو هو ته اسان ڊيمز ٺاهيون ها، اسان پاڻي جو قدر نه ڪيو. خورشيد شاهه چيو ته آبادگار ايترا تعليم يافته نه آهن جيترا توهان سمجهو ٿا، پاڪستان ۾ ڏيڍ سئو ملين ايڪڙ پاڻي آهي پر اسان ان کي ضايع ڪريون ٿا. اڄ پاڻي مهانگو آهي ۽ دنيا ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل سستو آهي ۽ پاڻي مهانگو ٿي ويو آهي. پاڻي اسان وٽ وڌيڪ مقدار ۾ آهي، اسان کي سياست کان هٽي ڪري ان تي ڪم ڪرڻ گهرجي. پاڻي وسيلن واري وفاقي وزير چيو ته 1963ع ۾ هڪ ڪتاب لکيو ويو جنهن ۾ سکر بئراج کي متعارف ڪرايو ويو آهي، آئون مشورو ڏيندس ته توهان آبادگارن کي تربيت ڏيو، توهان جتي به چاهيو توهان کي سهولت ڏيندس. هن چيو ته آبادگار تعليم يافته نه آهن جنهن جي ڪري زمين ۽ فصل خراب ٿي وڃن ٿا. اسان جي موسميات کاتي جي ڪارڪردگي به ٺيڪ نه آهي، سڀ کان وڏو مسئلو پاڻي جي ذخيري جو به آهي، اسان پاڻي کي تمام گهڻو ضايع ڪري رهيا آهيون، سڀاڻي پاڻي ملڻ به مشڪل ٿي ويندو. خورشيد شاهه چيو ته منهنجي گذارش آهي ته پاڻي جي ذخيري، جديد ٽيڪنالاجي جي حوالي سان هڪ تجربو ٿر ۾ به ڪيو وڃي، زرعي يونيورسٽي ۾ به نمائش لڳائي وڃي. هن چيو ته مون ڀاشا ڊيم جي لاءِ چيو آهي جيترو پئسو کپي وٺو پر ڀاشا ڊيم جلد مڪمل ڪيو وڃي. هن چيو ته هن نمائش جيڪا شيءَ ٻڌائي وئي آهي، ان تي ڪم ٿي سگهي ٿو. موسمياتي تبديلي سڀ کان وڏو چئلينج آهي، جنهن سان تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي، اسان اڃا تائين نئين ٽيڪنالاجي تي ڪم ناهي ڪيو. اسان کي پاڻي محفوظ بڻائڻو آهي. پاڻي اسان جي زندگي آهي ۽ علائقن کي پاڻي جي ضرورت آهي. اسان کي 40 سال اڳ ڊيم ٺاهڻ گهرجن ها، جيڪڏهن ڊيم ٺهيل هجن ها ته اڄ اسان دنيا کي پاڻي مهيا ڪريون ها. اسان ڪراچي ۾ پاڻي کي محفوظ بڻائڻ جي لاءِ ڪي فور ۽ ڪي فائيو پراجيڪٽ تي ڪم ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته ٿر ۾ پاڻي جا 700 آر او پلانٽ لڳايا ويا هئا پر هن وقت 100 آر او پلانٽ هلي رهيا آهن ۽ 600 بند آهن. هن چيو ته اسان سياستدانن جو ڏوهه آهي، جيڪي به حڪومتون آيون انهن پاڻي کي محفوظ ڪرڻ جي لاءِ ڪجهه نه ڪيو، نه ئي ڊيم طرف ڌيان ڏنو. وفاقي وزير چيو ته ٻاهرئين ملڪن ۾ پاڻي جو بل ايندو آهي ۽ ماڻهو پاڻي جو بل وڌيڪ اچڻ جي ڊپ کان پاڻي کي زيان نٿا ڪن ۽ اسان پاڻي کي تمام گهڻو ضايع ڪريون ٿا. هن چيو ته اسان پاڻي کي بيدردي سان استعمال ڪريون ٿا. اسان کي نيڪاسي نظام طرف ڌيان ڏيڻو پوندو. ملڪ ۾ آبادي وڌي رهي آهي ۽ پاڻي ڏينهون ڏينهن گهٽجي رهيو آهي. هن چيو ته اسان وٽ جيڪڏهن ڀاشا، مهمند، بونجي ۽ داسو ڊيم هجن ها ته ٻوڏ جي صورتحال پيدا نه ٿئي ها. هن چيو ته اسان جي سنڌ ۾ نولانگ ڊيم هجي ها ته 3 ضلعا ٻوڏ سبب متاثر نه ٿين ها پر هاڻي اسان نولانگ ڊيم تي ڪم شروع ڪيو آهي. ان کي جلد مڪمل ڪنداسين. هن چيو ته ملڪ ۾ پاڻي تمام گهڻو آهي پر ان کي بچائڻو پوندو. هن چيو ته 10 سالن کانپوءِ ملڪ ۾ پاڻي جو وڏو ڏڪار پيدا ٿيندو. هن چيو ته دُنيا اسان کي قرض ڏئي ٿي ته اسان خوش ٿيُون ٿا پر اصل ۾ قرض سان اسان هڪ قدم پوئتي هليا وڃون ٿا ڇو جو اسان کي قرض واپس به ڪرڻو هوندو آهي، هن چيو ته پاڪستان ۾ ايتري سگهه آهي جو پنهنجي پيرن تي بيهي سگهي ٿو، پر اُن لاءِ اسان کي پاڻڀرو ٿيڻ لاءِ ڪوششُون ڪرڻيُون پونديُون.