اسلام آباد – 27 جون (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان چيو آهي ته سيڪيورٽي صورتحال ۾ بهتري آئي آهي، دهشتگردن تي زمين تنگ ڪري ڇڏي آهي، قوم ۾ مايوسي پکيڙڻ لاءِ دهشتگرد هاڻي آسان هدفن کي نشانو بڻائي رهيا آهن، ان جنگ کي منطقي انجام تائين پهچائڻ لاءِ اسان کي نفسياتي جنگ کٽڻي پوندي، پنجاب هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان چيو ته ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال ۾ وڏي بهتري آئي آهي، ان لاءِ امن مشنز ۾ پوليس آفيسرن کي موڪلڻ تي پابندي ختم ڪئي پئي وڃي، گڏيل قومن کي به ان حوالي سان ٻڌايو پيو وڃي، هن چيو ته گذريل ڏينهن ڪراچي ۾ ٿيندڙ اجلاسن ۾ سٺو بحث صلاح مشورا ٿيا آهن، پاڪستان جي فوج ۽ سيڪيورٽي ادارن ۽ ايجنسين جي جدوجهد سان ڏيڍ ٻن سالن ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال ۾ نمايان بهتري آئي آهي پر اسان جي جدوجهد اڃان ختم ناهي ٿي، هن چيو ته سڄي دنيا پاڪستان ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال ۾ بهتري جو اعتراف ڪري رهي آهي.