اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف 6 خاص معاونين کي مختلف وزارتن جا قلمدان ڏئي ڇڏيا. ڪابينا ڊويزن پاران جاري نوٽيفڪيشن موجب وزيراعظم جي خاص معاون نوابزاده افتخار احمد خان بابر کي ڪشمير، گلگت بلتستان معاملن واري وزارت، خاص معاون مهر ارشاد احمد خان کي بين الصوبائي رابطن واري وزارت، خاص معاون رضا رباني کي واپار واري وزارت، خاص معاون مهيش ڪمار ملاڻي کي صحت واري وزارت، خاص معاون فيصل ڪريم ڪنڊي کي غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وزارت، خاص معاون سردار سليم حيدر کي اوورسيز پاڪستاني ۽ انساني وسيلن، ترقي واري وزارت، خاص معاون تسنيم احمد قريشي کي صنعت ۽ پيداوار واري وزارت ۽ محمد علي شاهه باچا کي پاڻي ذخيرن واري وزارت جو قلمدان ڏنو ويو آهي.