اسلام آباد – 27 جون (اي پي پي) اسٽيبلشمينٽ ڊويزن وفاقي وزارتن، ڊويزنن، ڪارپوريشنن ۽ ماتحت ادارن جي لاءِ ساليانو خريداري پلان 2017ع جاري ڪري ڇڏيو آهي. اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جنرل سيڪشن پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب سموريون وفاقي وزارتون، ڊويزنون، ڪارپوريشنون ۽ ماتحت وفاقي ادارا سالياني بنيادن تي استعمال ٿيندڙ شين جي خريداري جي لاءِ امڪاني قيمت سان گڏ رولز موجب 30 جون 2016ع تائين خريداري نوٽيس جي تشهير، 19 جولاءِ 2016ع تائين خريداري جي لاءِ ٺيڪو ڏيڻ ۽ 30 جون 2017ع تائين جي لاءِ استعمال ٿيندڙ سامان جي فراهمي لازمي وقت سر يقيني بڻائي وڃي.