اسلام آباد – 27 جون (اي پي پي) حڪومت بجيٽ 17 – 2016ع ۾ بي گهر ماڻهن جي بحالي جي لاءِ 100 ارب رپيا رکيا آهن. سيفران واري وزارت جي ترجمان موجب دهشتگردن جي خلاف جاري آپريشن ضرب عضب ۾ متاثر ٿيندڙ بي گهر ماڻهن (آءِ ڊي پيز) جي بحالي جي لاءِ وفاقي حڪومت بجيٽ 17 – 2016ع ۾ 100 ارب رپيا رکيا آهن. ترجمان موجب مخصوص ڪيل رقم مان تعليمي ادارن، صحت جي مرڪزن، رستن ۽ بي گهر ماڻهن جي مالي امداد ۽ گهرن جي اڏاوت جي لاءِ رقم خرچ ڪئي ويندي.