اسلام آباد – 08 – جون (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي قلعه سيف الله جي علائقي اخترزئي واري هنڌ تي مسافر وين کي پيش آيل حادثي جي نتيجي ۾ قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب سينيٽ چيئرمين چيو ته فوت ٿيندڙ جي وارثن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون، سينيٽ چيئرمين الله تعاليٰ کان فوت ٿيندڙن لاءِ مغفرت جي دعا، بلند درجن ۽ وارثن لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. سينيٽ چيئرمين مسافر وين جي حادثي جي نتيجي ۾ زخمين جي جلد صحتيابي جي دعا به ڪئي، سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين مرزا محمد آفريدي به پنهنجي ڌار پيغام ۾ مسافر وين جي حادثي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي فوت ٿيندڙن جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي.