APP18-070622 ISLAMABAD: June 07 - Foreign Minister Bilawal Bhutto Zardari and the Federal Minister for Foreign Affairs of the Federal Republic of Germany, Annalena Baerbock address a joint press stakeout at Media Center, Ministry of Foreign Affairs. APP photo by Irfan Mehmood

اسلام آباد – 07 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ جرمني گڏيل ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اهو اتفاق راءِ هتي ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ پرڏيهي آفيس ۾ ٿيندڙ ملاقات دوران ڪيو ويو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ جرمني جي پرڏيهي وزير انالينا بيئربوڪ ملاقات کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته ٻئي ملڪ ٻطرفي گڏيل تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيندا. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جرمن پرڏيهي وزير کي پاڪستان ۾ ڀليڪار چوندي چيو ته پاڪستان ۽ جرمني جي وچ ۾ پراڻا لاڳاپا قائم آهن، اسان يورپي يونين ۾ به پارٽنر آهيون، ٻئي ملڪ افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام ۽ انساني بحران کي روڪڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا. هن چيو ته جرمن پرڏيهي وزير سان ٻطرفن لاڳاپن، واپار ۽ سيڙپڪاري کانسواءِ دفاعي تعاون وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. افغانستان جي صورتحال پڻ ڳالهه ٻولهه ۾ غور هيٺ آئي. هن والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کان پڻ جرمن پرڏيهي وزير کي آگاهه ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان پرامن ۽ خوشحال افغانستان چاهيون ٿا. جرمني جي پرڏيهي وزير ان موقعي تي چيو ته افغانستان جي صورتحال جا اثر ان جي سرحدن جي ٻاهر به پوندا. هن پاڪستان ۾ پرجوش استقبال تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته پاڪستان وڏي انگ ۾ افغانستان جي پناهگيرن کي ڊگهي عرصي کان پناهه ڏني آهي ۽ هن جرمني سميت مختلف ملڪن جي شهرين جي افغانستان مان تازي انخلا ۾ مدد ڪئي آهي. انالينا چيو ته موسمياتي بحران هن وقت هڪ وڏو خطرو آهي، يوڪرين جي جنگ جي نتيجي ۾ شين جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو آهي. جرمني جي پرڏيهي وزير چيو ته افغانستان جي معاشي صورتحال خراب آهي ۽ اسان موجوده صورتحال ۾ افعانستان جي عوام کي اڪيلو نه ڇڏينداسين. والاريل ڪشمير ۾ ڀارت پاران ڪيل ظلمن بابت هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته گڏيل قومن ڪشمير ۾ انساني حقن جي پاسداري جي ضمانت ڏني آهي. هن ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ اعتمادسازي جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته گذريل سال لائين آف ڪنٽرول تي ٻنهي ملڪن پاران جنگبندي هڪ مثبت قدم آهي. ان کان اڳ پاڪستان ۽ جرمني جي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. جرمني جي پرڏيهي وزير انالينا بيئربوڪ جو پاڪستان جو هي پهريون دورو آهي، جرمن پرڏيهي وزير پنهنجي پاڪستاني هم منصب بلاول ڀٽو زرداري جي دعوت تي اسلام آباد جو 2 ڏينهن جو دورو ڪري رهي آهي. جرمني جي پرڏيهي وزير دوري دوران وزيراعظم ۽ ٻين حڪومتي عهديدارن سان پڻ ملاقات ڪندي. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته جرمني ٻطرفي ۽ يورپي يونين جي ڏس ۾ پاڪستان جو قدر جوڳو حصيدار آهي. پاڪستان ۽ جرمني جي وچ ۾ پراڻا ۽ خوشگوار لاڳاپا قائم آهن جيڪي گڏيل احترام ۽ ويجهي تعاون تي ٻڌل آهن، پاڪستان ۽ جرمني گذريل سال سفارتي لاڳاپن جا 70 سال مڪمل ڪري ورتا. جرمني جي پرڏيهي وزير انالينا بيئربوڪ جو پاڪستان جو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطح جي باقاعده مٽاسٽا جو حصو آهي ۽ اميد آهي ته ان سان پاڪستان ۽ جرمني جي گهڻ رخي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ملندو.