مانسهره– 25 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته برائي خلاف جنگ ۾ مسلمان معاشري ۾ نيوٽرل يا پوئتي هٽي وڃڻ جي اجازت نه آهي، بي اعتمادي رٿ جو مقصد اين آر او حاصل ڪرڻ آهي جيڪو ڪڏهن به نه ڏيندس، عوام 27 مارچ تي سچائي ۽ چڱائي سان گڏ بيهي لُٽ مار ڪندڙن، ضمير جي سوداگرن جي سياست کي سدائين لاءِ دفن ڪري ڇڏيندي، اسان اهو نظام کڻي اينداسين جيڪو هن ملڪ کي عظيم تر بڻائيندو، شريف ڀائرن کي هاڻي هي قوم اقتدار ۾ برداشت نه ڪندي، انهن جي سياست جا ڏينهن ڳڻجي چڪا آهن، ماڻهو 27 مارچ تي پنهنجي ايندڙ نسلن جي مستقبل لاءِ نڪرن، پنهنجي چوري بچائڻ ۽ ملڪ جو مستقبل تباهه ڪندڙ سياستدان جمهوريت ۽ نظام کي تباهه ڪرڻ جي پويان آهن، قوم انهن جي سياست جو جنازو ڪڍندي، پاڪستان قائداعظم ۽ علامه اقبال جي تصورن موجب بيهندو. وزيراعظم عمران خان گورنمينٽ پوسٽ گريجوئيٽ ڪاليج مانسهره ۾ جلسي عام کي خطاب ڪندي چيو ته هو مانسهره ۾ شاندار استقبال تي ٿورو ۽ ايترو پرُهجوم جلسو منعقد ڪرڻ تي قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن کي مباڪون ڏيان ٿو. وزيراعظم چيو ته هو هر جلسي ۾ اهو چئي ويندو آهي ته هو هاڻي فضل الرحمان کي ڊيزل نه چوندو پر جيئن ئي هو تقرير ڪرڻ ايندو آهي ته جلسي گاهه مان ڊيزل جا آواز ايندا آهن، مون مشڪل وقت ۾ جڏهن عالمي سطح تي ڊيزل جون قيمتون وڌي رهيون هيون پاڪستان ۾ ڊيزل جي قيمت گهٽ ڪئي، وزيراعظم چيو ته الله گواهه آهي ته دين، مذهب، الله ۽ رسول جو نالو ووٽ يا عوام کي پنهنجي طرف ڇڪڻ لاءِ ناهيان وٺندو، آئون پوري دنيا گهمي چڪو آهيان، ڪرڪيٽ جو عالمي سپر اسٽار رهيو آهيان، نوجوانن سان ان لاءِ مخاطب آهيان ته اهي پاڪستان جو مستقبل آهن، انهن کي صحيح ۽ عظمت جو رستو ڏيکارڻ چاهيان ٿو، نماز ۾ اسان الله کي چوندا آهيون ته اسان کي ان رستي تي هلايو جنهن تي توهان پنهنجون نعمتون بخشيون آهن، وزيراعظم نوجوانن کي چيو ته سندن زندگي ۾ سدائين ٻه رستا ايندا، صالح محمد جو ضمير خريد ڪرڻ لاءِ 20 کان 25 ڪروڙ روپيا ان جي سامهون رکيا ويا پر آئون کيس خراج تحسين پيش ڪريان ٿو ته هن ضمير جو سودو نه ڪيو، هن چيو ته اسلام آباد ۾ لڳل منڊي ۾ ماڻهن جا ضمير خريد ڪرڻ لاءِ 20 کان 25 ڪروڙ روپين جون ٻوليون لڳايون پيون وڃن، ٻيو رستو مشڪل رستو آهي، الله جي پياري حبيب صه جو رستو آسان رستو نه هو، سچ جو رستو مشڪل هوندو آهي، انسان جي عظمت جو رستو مشڪل رستو آهي، ضمير فروشي سان زندگي آسان نه پر مشڪل ٿيندي، الله ايمان وارن جي دل مان خوف ڪڍي ڇڏيو آهي، کين ڪو به خريد نٿو ڪري سگهي، نه ئي ڪيرائي سگهي ٿو، هن چيو ته الله جي سامهون آئون سرخرو آهيان ته پاڪستان ۽ مون کان اهو ڪم ورتو ويو ته اسلامو فوبيا جي خلاف 15 مارچ تي عالمي ڏينهن ملهائڻ جي قرارداد گڏيل قومن ۾ پاس ڪئي وئي، هن چيو ته اظهار جي آزادي جي نالي تي نبي ﷺ جي شان ۾ گستاخي ڪري اسان کي تڪليف ڏني ويندي هئي، هاڻي گڏيل قومن ۽ دنيا اعتراف ڪيو ته آزادي راءِ جي پويان لڪي ڏيڍ ارب مسلمانن کي تڪليف نٿي پهچائي سگهجي، وزيراعظم چيو ته 30 سالن کان دين جي نالي تي سياست ڪندڙ فضل الرحمان دين لاءِ ڪهڙو ڪم ڪيو. هن چيو ته پاڪستان الله جي حڪمن، نبي ﷺ جي سنت ۽ رستي تي هلي مٿي ٿيندو. مديني جي رياست جي جوڙيل اصولن تي هلنداسين ته دنيا ۾ سبز پاسپورٽ جي عزت ٿيندي، ملڪ ترقي ڪندو، عدل ۽ انصاف کانسواءِ معاشرو ترقي نٿو ڪري سگهي، قانون جي بالادستي سان معاشرو ترقي ڪندو آهي، مديني جي رياست ۾ ڪو به قانون کان مٿانهون نه هو، منهنجو شڪار ڪندڙن کي شڪست ٿيندي، وزيراعظم عمران خان چيو ته بي اعتمادي رٿ جو هڪ مقصد جنرل پرويز مشرف وانگر ڪرپشن جا ڪيس ختم ڪرائڻ آهي تنهن هوندي به جنهن ڏينهن مون اهي ڪيس ختم ڪيا ته آئون پاڪستان سان سڀ کان وڏي غداري ڪندس. وزيراعظم چيو ته مديني جي رياست وانگر پاڪستان کي فلاحي رياست بڻائڻ جي رستي تي گامزن آهيان. انشاءُ الله پاڪستان اسلامي دنيا ۾ هڪ مثال هوندو جتي ڪمزور طبقن کي مٿي کنيو ويندو ۽ قانون جي بالادستي هوندي، هن چيو ته صحت ڪارڊ ان فلاحي رياست ڏانهن پهريون قدم آهي، اسان احساس پروگرام شروع ڪيو، ڪامياب پاڪستان پروگرام شروع ڪيو، پنهنجو گهر ٺاهڻ لاءِ قرض جي فراهمي جو سلسلو شروع ڪيو، هن چيو ته منهنجا والدين غلام هندستان ۾ پيدا ٿيا، اسان خوش قسمت هئاسين جو آزاد ملڪ ۾ ڪنڌ کڻي هلون ٿا پر بعد به اسان ٻين ملڪن جي غلامي شروع ڪئي، ملڪي دولت لُٽي ٻاهرين ملڪ منتقل ڪندڙ اسان جا حڪمران بڻجي ويا جيڪي پنهنجي دولت جي ڪري انهن ملڪن جا غلام بڻجي ويا. آمريڪا جي لاءِ دهستگردي جي خلاف جنگ ۾ 80 هزار جانين جي قرباني ڏني پر هن پاڪستان جي سرزمين تي 400 ڊرون حملا ڪيا تڏهن ملڪ ۾ حڪمرانن کي ايتري جرئت نه ٿي ته هو ان جي مذمت ڪن يا ان جو سبب پڇن ها، دنيا ۾ اهڙو ڪو به مثال نٿو ملي ته جنهن ملڪ جي لاءِ توهان وڙهو اهو توهان تي حملا ڪري، وزيراعظم چيو ته جڏهن آئون وزيراعظم بڻيس ته مون طئي ڪيو ته دوستي سڀني سان ڪنداسين پر ڪنهن جي غلامي نه ڪنداسين. هندستان جيڪڏهن ڪشميرين سان انصاف ڪري 5 آگسٽ جو پنهنجو غير قانوني هڪطرفو قدم واپس وٺي ڪشمير جي خصوصي حيثيت بحال ڪري ته ان سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون، اسان جي ڪنهن ملڪ سان دشمني نه آهي، لااله جي بنياد تي ٺهندڙ ملڪ کي اسان ڪنهن جي سامهون جهڪڻ نه ڏينداسين. دنيا ۾ سبز پاسپورٽ جي عزت هوندي. وزيراعظم چيو ته مديني جي رياست جا بنيادي اصول قانون جي بالادستي، فلاحي ۽ خود دار رياست جا هئا جڏهن ته چوٿين شيءَ امر بالمعروف و نهي المنڪر هئي ڇو ته چڱائي سان گڏ ۽ برائي جي خلاف بيهڻ جو حڪم الله جي طرفان آهي ۽ جڏهن چڱائي ۽ برائي جي جنگ هجي ته مسلمان معاشري ۾ نيوٽرل يا پوئتي بيهي رهڻ جي اجازت نه آهي، اڄ مغرب امر بالمعروف تي بيٺل آهي، اتي ادارا ۽ عوام سڀ چڱائي سان گڏ بيٺل هوندا آهن، اتي عوام جو پئسو چوري ڪندڙ ڪو سياستدان سياست نٿو ڪري سگهي، اسان جي ملڪ ۾ نوڪرن جي اڪائونٽن ۾ اربين روپيا وجهندڙ، ڪوڙ ڳالهائي ملڪ مان ڀڄندڙ، اربين روپين جي جائيداد ٺاهيندڙ، عدالتي سزا يافته اڳواڻ آهن، امر بالمعروف تي عمل ڪندڙ معاشرن ۾ اهڙن ماڻهن سان گڏ انهن جا پنهنجا ماڻهو به ناهن بيهندا، ڪوڙ ڳالهائڻ تي برطانيه جي هڪ اڳوڻي وزيراعظم کي اقتدار تان هٿ ڌوئڻا پيا، اهي ڪوڙ تي ڪوڙ ڳالهائي پوءِ به اڳواڻ بڻيا آهن، چڱائي سان گڏ نه بيهندڙ معاشرو تباهه ٿي ويندو آهي، اهي ماڻهو پاڪستان جي معاشي حالتن جي خرابي جي ڳالهه ڪندا آهن، آئون کين چئلينج ڪريان ٿو ته جيترو ڪم اسان جي حڪومتي دور ۾ ٿيو ايترو پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪنهن حڪومت ناهي ڪيو. هتي ٽيڪسٽائيل انڊسٽري جي برآمدات، مٽاسٽا جو ناڻو، ٽيڪس وصولين، آءِ ٽي برآمدات رڪارڊ سح تي آهن، ملڪ ۾ رڪارڊ پنج فصلن جي پيداوار ٿي، آبادگارن کي رڪارڊ قيمت ملي، آءِ ٽي پاڪستان جو مستقبل آهي، هي ملڪ کي مٿي آڻيندي. ان جي برآمدات ۾ 70 سيڪڙو اضافو ٿيو، اسان ٽن سالن جي مسلسل ڪوششن کانپوءِ ريڪوڊڪ جو معاملو حل ڪرايو، هاڻي هتان ڇڏي ويندڙ ڪمپني واپس اچي وئي آهي، هي 9 ارب ڊالر جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪندي جنهن سان بلوچستان جي تقدير بدلجندي ۽ پاڪستان ۾ ڊالر ايندا. روپئي جي قدر ۾ بهتري ايندي، هن چيو ته اسان پنهنجي دور ۾ مسلم ليگ (ن) جي مقابلي ۾ في ڪلوميٽر 23 ڪروڙ روپيا گهٽ لاڳت سان موٽرويز ٺاهيون، هڪ هزار ارب روپيا بچائي نوان رستا ٺاهيا، ريلوي جو شعبو منافعي ۾ کڻي آياسين، گئس ۽ بجلي جي گذريل دورن ۾ ڪيل معاهدن تي ٻيهر ڳالهه ٻُولهه ڪري ايندڙ 10 سالن لاءِ 700 ارب روپيا بچائي جيڪي قوم جي ترقي تي لڳندا. وزيراعظم چيو ته شهباز شريف وزيراعظم جو خواب ڏسندي پنهنجي شيرواني سبرائي هئي پر آئون کيس ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته هو ان کي سنڀالي رکي، اها ڪنهن ٻي کي ڏيڻي پوندي، شريف خاندان جي اقتدار ۾ اچڻ جا ڏينهن هليا ويا، هي هاڻي لنڊن ۾ وڃي سياست ڪندا ۽ جيڪڏهن هنن اتي سياست ڪئي ته انگلينڊ جو به ڏيوالو نڪري ويندو، وزيراعظم چيو ته هو سڄي قوم کي 27 مارچ تي اسلام آباد اچڻ جي دعوت ڏئي رهيو آهي، ماڻهو پنهنجي ايندڙ نسلن لاءِ نڪرن ۽ انهن چورن کي ٻڌائين ته اسان چڱائي ۽ سچائي سان گڏ بيٺل آهيون، ضميرن جي سوداگرن، جمهوريت، نظام کي تباهه ڪندڙ ماڻهو جيڪي پنهنجي چوري بچائڻ لاءِ ملڪ جو مستقبل تباهه ڪرڻ جي پويان آهن قوم انهن جي سياست جو جنازو ڪڍندي ۽ ان تي هڪ نئون پاڪستان بيٺل هوندو جيڪو قائداعظم جي جدوجهد ۽ اقبال جي خواب موجب بڻجندو، اسان اهو نظام کڻي اينداسين جيڪو هن ملڪ کي عظيم تر بڻائيندو.