اسلام آباد – 25 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ن ليگ جي اڳواڻ مريم نواز جي ميڊيا سيل هلائڻ جي حوالي سان انڪشافن ۽ ميڊيا سيل جي ذريعي قومي خزاني مان وڏي رقم خرچ ڪرڻ، من پسند صحافين ۽ مختلف ميڊيا گروپس کي نوازڻ بابت معاملن جي جاچ لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي. جاري ڪيل بيان موجب تحقيقاتي ڪميٽي ن ليگ جي حڪومتي دور ۾ ميڊيا کي جاري ڪيل اشتهارن ۾ بي ضابطگين ۽ ميڊيا سيل جي ذريعي من پسند صحافين ۽ مختلف ميڊيا گروپس کي نوازڻ بابت پنهنجي رپورٽ جوڙيندي. مريم نواز جي سرپرستي ۾ قائم ميڊيا سيل جي ذريعي قومي خزاني مان وفاقي حڪومت جا 9 ارب 62 ڪروڙ 54 لک 3 هزار 902 روپيا خرچ ڪيا ويا، ڄاڻايل ميڊيا سيل مان پنجاب ۾ ايڊورٽائزمينٽ کي ڪنٽرول ڪرڻ جا ثبوت به سامهون آيا آهن. تحقيقاتي ڪميٽي ميڊيا سال جي ذريعي سرڪاري رقم جي غير قانوني استعمال جي معاملن جي جاچ ڪري پنهنجي رپورٽ جوڙيندي.