سڄي دنيا ۾ مينگروز جي تحفظ جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو

اسلام آباد - 26 جولاءِ (اي پي پي) سڄي دنيا ۾ مينگروز جي تحفظ جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو. ان ڏينهن ملهائڻ جو مقصد مينگروز جي قيمتي ٻيلن جي اهميت ۽ انهن جي تحفظ جي حوالي سان شعور اجاگر ڪرڻ آهي. ان موقعي تي پوري دنيا سامونڊي ماحولياتي نظام جي تحفظ جي عزم کي ورجائي ٿي. واضح رهي مينگروز جا ٻيلا قدرتي آفتن دوران شهرن جو دفاع ڪرڻ جي صلاحيت …

اسلام آباد – 26 جولاءِ (اي پي پي) سڄي دنيا ۾ مينگروز جي تحفظ جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو. ان ڏينهن ملهائڻ جو مقصد مينگروز جي قيمتي ٻيلن جي اهميت ۽ انهن جي تحفظ جي حوالي سان شعور اجاگر ڪرڻ آهي. ان موقعي تي پوري دنيا سامونڊي ماحولياتي نظام جي تحفظ جي عزم کي ورجائي ٿي. واضح رهي مينگروز جا ٻيلا قدرتي آفتن دوران شهرن جو دفاع ڪرڻ جي صلاحيت به رکن ٿا. پاڪستان جي مينگورز جي ٻيلن جي ايراضي 2016ع ۾ هڪ لک 33 هزار 816 چورس ڪلوميٽر هئي جيڪا 2020ع ۾ هڪ لک 57 هزار 357چورس ڪلوميٽرن تائين وڌي وئي. ماحوليات جي ماهرن جو چوڻ آهي، ته ماحولياتي تباهي کان بچڻ لاءِ ٻيلن جو تحفظ ضروري آهي. مينگورز جي تحفظ جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ سرڪاري، نجي، ماحولياتي ادارن ۽ تنظيمن جي انتظامن هيٺ مختلف تقريبون ڪوٺايون ويون ۽ مينگروز جي ٻيلن جي اهميت باري ۾ عوامي شعور اجاگر ڪيو ويو.