APP65-11 ISLAMABAD: June 11 - President Dr. Arif Alvi chairing a meeting to review progress on Electronic Voting, at Aiwan-e-Sadr. APP

اسلام آباد – 11 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اليڪشن ڪميشن کي سمورن شعبن خاص طور تي ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي لاءِ ووٽ وجهڻ جي عمل ۾ تيزي آڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. اها هدايت هن ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي ووٽ وجهڻ، بايوميٽرڪ تصديق ۽ ملڪ ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ نظام بابت جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني. اجلاس ۾ منشيات جي خاتمي واري وفاقي وزير محمد اعظم خان سواتي، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري سيڪريٽري شعيب احمد صديقي، اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري ڊاڪٽر اختر نذّير ۽ صدر جي سيڪريٽري طارق نجيب نجمي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري اختر نذير بريفنگ ڏني.