ننڪا صاحب– 11 آگسٽ (اي پي پي) گهرو وزير اعجاز احمد شاهه چيو آهي ته اکنڊ ڀارت جو نعرو رڳو هندن جي لاءِ لڳايو ويندو آهي، ڀارت ۾ هٽلر طرز جي حڪومت آهي، جڏهن ته پاڪستان اقليتن جي لاءِ ڪنهن جنت کان گهٽ ناهي. اهڙو اظهار هن ضلعي ڪائونسل هال ننڪانه صاحب ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو جنهن ۾ سک، مسيحي ۽ هندو اڳواڻن سميت شهرين جي وڏي …
ڀارت ۾ هٽلر طرز جي حڪومت آهي، پاڪستان اقليتن لاءِ ڪنهن جنت کان گهٽ ناهي: وفاقي گهرو وزير

مزید خبریں
ننڪا صاحب– 11 آگسٽ (اي پي پي) گهرو وزير اعجاز احمد شاهه چيو آهي ته اکنڊ ڀارت جو نعرو رڳو هندن جي لاءِ لڳايو ويندو آهي، ڀارت ۾ هٽلر طرز جي حڪومت آهي، جڏهن ته پاڪستان اقليتن جي لاءِ ڪنهن جنت کان گهٽ ناهي. اهڙو اظهار هن ضلعي ڪائونسل هال ننڪانه صاحب ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو جنهن ۾ سک، مسيحي ۽ هندو اڳواڻن سميت شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. وفاقي گهرو وزير چيو ته بيگناهه ڪشميرين تي ڀارتي فوجين جا ظلم انتهائي مذمت جوڳا آهن، ڀارت ۾ سکن، مسلمانن ۽ مسيحي برادرين سان هميشه متڀيد وارو سلوڪ رکيو ويو آهي. اکنڊ ڀارت جو نعرو رڳو هندن لاءِ لڳايو وڃي ٿو ۽ ڀارت ۾ هٽلر طرز جي حڪومت آهي، هن چيو ته پاڪستان جي قيام ۽ ملڪي ترقي ۾ اقليتن جو ڪردار وساري نٿو سگهجي، پاڪستان اقليتن لاءِ ڪنهن جنت کان گهٽ ناهي.











