وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي اردن جي شاهه عبدالله سان ملاقات

نيويارڪ – 19 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 72 هين اجلاس جي موقعي تي اردن جي شاهه عبدالله دوم سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن سياسي، معاشي ۽ دفاعي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي پاڪستاني وفد جي قيادت ڪري رهيو آهي.