اسلام آباد – 03 مارچ (اي پي پي) صدر ممنون حسين سان وزيراعظم جي ايوي ايشن بابت صلاحڪار سردار مهتاب احمد خان ايوان صدر اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي، ايوي ايشن ڊويزن جي معاملن کان آگاهه ڪيو. صدر ممنون حسين سردار مهتاب احمد خان کي ايوي ايشن بابت صلاحڪار مقرر ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني .