گوادر ۾ ڀارتي پٺڀرائي ۾ دهشتگردي جي وڏي ڪوشش ناڪام، عورت سميت 10 دهشتگرد مارجي ويا، هڪ شهري شهيد ٿيو: آءِ ايس پي آر

راولپنڊي- 23 آڪٽوبر (اي پي پي)سيڪيورٽي فورسز گوادر ضلعي ۽ پاڪ ايران بارڊر ڪراسنگ تي ڀارتي سرپرستي ۾ ڪم ڪندڙ گروهه فتنه الهندستان جو وڏو حملو ناڪام بڻائيندي ڪارروائي ۾ هڪ عورت سميت 10 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. دهشتگردن جي فائرنگ سبب هڪ شهري شهيد ٿي ويو. آءِ ايس پي آر موجب 22 آڪٽوبر 2026ع تي ڀارت جي سرپرستي هيٺ سرگرم فتنه الهندستان جي دهشتگردن ضلعي گوادر ۾ گبد بارڊر …

راولپنڊي- 23 آڪٽوبر (اي پي پي)سيڪيورٽي فورسز گوادر ضلعي ۽ پاڪ ايران بارڊر ڪراسنگ تي ڀارتي سرپرستي ۾ ڪم ڪندڙ گروهه فتنه الهندستان جو وڏو حملو ناڪام بڻائيندي ڪارروائي ۾ هڪ عورت سميت 10 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. دهشتگردن جي فائرنگ سبب هڪ شهري شهيد ٿي ويو. آءِ ايس پي آر موجب 22 آڪٽوبر 2026ع تي ڀارت جي سرپرستي هيٺ سرگرم فتنه الهندستان جي دهشتگردن ضلعي گوادر ۾ گبد بارڊر گراسنگ ۽ گوادر شهر جي علائقن ۾ دهشتگرداڻين ڪاررواين جي ڪوشش ڪئي، انهن هنڌن کي نشانو بڻائي دهشتگردن اصل ۾ انهن ماڻهن کي نقصان پهچائڻ چاهيو ٿي جن جي نمائندگي جي هو ڪوڙي دعويٰ ڪن ٿا. انهن جو مقصد بلوچستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي راهه ۾ رڪاوٽ وجهڻ  هو. مقامي آبادي جي تحفظ ۽ علائقي کي دهشتگردن کان پاڪ ڪرڻ لاءِ سيڪيورٽي فورسز گوادر شهر ۽ ڀرپاسي ۾ ڪليئرنس آپريشنز شروع ڪيا. مختلف جهڙپن دوران سيڪيورٽي فورسز رياستي عملداري کي نقصان پهچائڻ ۽ گمراهه ڪندڙ ايجنڊا پکيڙڻ جي دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو. فائرنگ جي ڏي وٺ جي نتيجي ۾ هڪ عورت دهشتگرد سميت 10 دهشتگرد مارجي ويا. دهشتگرداڻن حملن دوران هڪ شهري پڻ شهيد ٿي ويو، جڏهن ته ڪجهه گاڏين کي نقصان پهتو، سيڪيورٽي فورسز ڪو به نقصان ڪرڻ کانسواءِ هي آپريشن ڪاميابي سان مڪمل ڪري ورتو جنهن جي نتيجي ۾ امن امان ۽ رياست جي عملداري بحال ٿي وئي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته ان حملي ۾ هڪ بلوچ عورت کي زبردستي ملوث ڪرڻ نه رڳو رياست خلاف سنگين ڏوهه آهي پر بلوچ عورتن جي حرمت تي پڻ سڌي ريت حملو آهي. اهي قدم دهشتگردن طرفان عوامي جذبا ڀڙڪائڻ ۽ پنهنجي تخريبي مهم کي ڪوڙو تقدس فراهم ڪرڻ لاءِ بلوچ عورتن کي پروپيگنڊا هٿيار طور استعمال ڪرڻ جي مڪروه ارادن کي بي نقاب ڪري ٿو. اهڙا عمل بلوچ ۽ اسلامي روايتن جي ابتڙ آهن، جن ۾ عورتن کي انتهائي عزت ۽ مان حاصل آهي. بلوچستان جو عوام پنهنجي نالي ۾ رت وهائيندڙن کي هميشه رد ڪيو آهي ۽ هو ان دوکي کي به چڱي ريت بي نقاب ڪندا. آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته نشنل ايڪشن پلان جي وفاقي اپيڪس ڪميٽي جي منظور ڪيل ويزن عزم استحڪام تحت دهشتگردي جي خاتمي جي مهم پوري طاقت سان جاري رهندي. سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ملڪ مان پرڏيهي سرپرستي ۽ مدد سان هلندڙ دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهن.