اسلام آباد - 23 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق کي حاصل ڪرڻ جي منصفاڻي جدوجهد جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پاڪستان گڏيل قومن جي قراردادن موجب آزاداڻي ۽ غيرجانبداراڻي ريفرنڊم جي ذريعي پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪرڻ جو حق ملڻ تائين ڪشميري عوام جي حمايت جاري رکندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب اهڙن …
وزيراعظم محمد شهباز شريف سان آزاد ڪشمير جي صدر ڊاڪٽر نجيب نقي خان جي ملاقات، ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق حاصل ڪرڻ جي منصفاڻي جدوجهد جي لاءِ پاڪستان جي پختي حمايت جو ورجاءُ
اسلام آباد – 23 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق کي حاصل ڪرڻ جي منصفاڻي جدوجهد جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پاڪستان گڏيل قومن جي قراردادن موجب آزاداڻي ۽ غيرجانبداراڻي ريفرنڊم جي ذريعي پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪرڻ جو حق ملڻ تائين ڪشميري عوام جي حمايت جاري رکندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي صدر ڊاڪٽر محمد نجيب نقي خان سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن جمعي ڏينهن هتي ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊاڪٽر محمد نجيب نقي خان کي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي صدر جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ترقياتي عمل کي تيز ڪرڻ ۽ عوام جي زندگي جو معيار بهتر بڻائڻ جي لاءِ وفاقي حڪومت پاران هر ممڪن تعاون فراهم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق کي حاصل ڪرڻ جي منصفاڻي جدوجهد جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي قراردادن موجب آزاداڻي ۽ غيرجانبداراڻي ريفرنڊم جي ذريعي پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪرڻ جو حق ملڻ تائين ڪشميري عوام جي حمايت جاري رکندو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ڪشميري عوام کي انهن جي جائز حق ملڻ تائين انهن جي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو. وزيراعظم جو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله خان پڻ ملاقات ۾ موجود هو.












