برلن - 23 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري جي اعزاز ۾ جرمن دفاع واري وزارت ۾ آجياڻي واري تقريب ۾ شرڪت جي موقعي تي سندس والهاڻو استقبال ڪيو ويو. دفاع واري وزارت اچڻ تي جرمن صدر فرينڪ والٽر اشٽائن مائر صدر جو استقبال ڪيو. جمعي ڏينهن صدر آصف علي زرداري جي جرمني جي دوري جي موقعي تي سندس اعزاز ۾ باضابطا آجياڻي واري تقريب جرمن دفاع واري …
صدر آصف علي زرداري جي اعزاز ۾ جرمن دفاع واري وزارت ۾ آجياڻو، سندس والهاڻو استقبال
برلن – 23 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري جي اعزاز ۾ جرمن دفاع واري وزارت ۾ آجياڻي واري تقريب ۾ شرڪت جي موقعي تي سندس والهاڻو استقبال ڪيو ويو. دفاع واري وزارت اچڻ تي جرمن صدر فرينڪ والٽر اشٽائن مائر صدر جو استقبال ڪيو. جمعي ڏينهن صدر آصف علي زرداري جي جرمني جي دوري جي موقعي تي سندس اعزاز ۾ باضابطا آجياڻي واري تقريب جرمن دفاع واري وزارت ۾ منعقد ٿي. دفاع واري وزارت اچڻ تي صدر جو شاندار استقبال ڪيو ويو. جرمن صدر فرينڪ والٽر اشتائن مائر آصف علي زرداري جو دفاع واري وزارت اچڻ تي استقبال ڪيو. ان موقعي تي صدر آصف علي زرداري کي گارڊ آف انر پيش ڪيو ويو. تقريب ۾ ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا وڄايا ويا. صدر گارڊ آف آنر جو معائنو ڪيو. ان موقعي تي صدر ۽ جرمن صدر جي وچ ۾ خوشگوار جملن جي ڏي وٺ پڻ ٿي. ٻنهي ملڪي سربراهن پنهنجي پنهنجي وفدن جو تعارف ڪرايو. صدر آصف علي زرداري جرمني جي صدر فرينڪ والٽر اشتائن مائر جي دعوت تي جرمني جو دورو ڪري رهيو آهي. ان موقعي تي صدر جرمني جي صدر ۽ اعلى حڪومتي عهديدارن سان ملاقاتون ڪندو جن ۾ ٻطرفي لاڳاپن، علائقائي ۽ عالمي صورتحال، معاشي ۽ واپاري تعاون جي فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي. واضح رهي ته هلندڙ سال ٻئي ملڪ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 75هين سالگرهه پڻ ملهائي رهيا آهن. صدر آصف علي زرداري جو جرمني جو دورو ٻطرفي لاڳاپن ۽ مختلف شعبن ۾ گڏيل حصيداري جي فروغ کي نئين سگهه ڏيڻ طرف مددگار ثابت ٿيندو.












