استنبول - 23 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ ترڪيه جي پرڏيهي وزير حاقان فيدان وچ اوڀر ۽ فلسطين جي صورتحال سميت علائقائي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي علائقائي امن ۽ سلامتي جي فروغ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه، سفارتڪاري ۽ ٺوس ڪوششن جي اهميت تي زور ڏنو آهي. ٻنهي اڳواڻن سعودي عرب تي حوثي حملن جي شديد مذمت ڪندي علائقائي …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ ترڪيه جي پرڏيهي وزير حاقان فيدان جي مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ
استنبول – 23 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ ترڪيه جي پرڏيهي وزير حاقان فيدان وچ اوڀر ۽ فلسطين جي صورتحال سميت علائقائي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي علائقائي امن ۽ سلامتي جي فروغ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه، سفارتڪاري ۽ ٺوس ڪوششن جي اهميت تي زور ڏنو آهي. ٻنهي اڳواڻن سعودي عرب تي حوثي حملن جي شديد مذمت ڪندي علائقائي معاملن تي ويجهو رابطو جاري رکڻ جي عزم جو پڻ ورجاءُ ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جمعي ڏينهن استنبول ۾ پنهنجي هڪ ڏينهن جي سرڪاري دوري دوران ترڪ پرڏيهي وزير هاقان فيدان سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي اسحاق ڊار استنبول ۾ آر – 4 پرڏيهي وزيرن واري اجلاس ۽ فرانس، جرمني، اٽلي ۽ برطاني اجي پرڏيهي وزيرن جي شرڪت سان آر – 4 پلس اجلاس جي ميزباني تي ترڪ پرڏيهي وزير جا ٿورا ادا ڪيا. نائب وزيراعظم ترڪيه جي شديد برساتن کانپوءِ ايندڙ اوچتو ٻوڏ جي نتيجي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ متاثر ماڻهن جي جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي لاڳاپن جو جائزو ورتو ۽ علائقائي صورتحال خاص طور تي وچ اوڀر ۽ فلسطين جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن علائقائي استحڪام کي درپيش خطرن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي امن ۽ سلامتي جي فروغ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه، سفارتڪاري ۽ ٺوس ڪوششن جي اهميت اجاگر ڪئي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن سعودي عرب تي حوثي حملن جي شديد مذمت ڪئي ۽ علائقائي معاملن تي ويجهي رابطي جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ان ڏس ۾ پاڪستان، ترڪيه ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ مڪه دفاعي معاهدي تحت تعاون کي پڻ اهم قرار ڏنو ويو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ پراڻي دوستي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ ٻطرفي سطح سميت گهڻ رخي فورمز تي گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ تعاون مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.












