اسلام آباد- 23 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي گوادر ۾ تعميراتي ڪمپني جي خالي ڪيمپ تي فتنه الهندستان جو حملو ناڪام بڻائڻ ۽ 7 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻي صلاحيتن ۽ پختي عزم کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. گهرو وزارت مان جاري بيان موجب وفاقي وزير محسن نقوي چيو ته فتنه الهندستان جي دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي وقت سر …
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پاران گوادر ۾ تعميراتي ڪمپني جي ڪيمپ تي حملو ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش
اسلام آباد- 23 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي گوادر ۾ تعميراتي ڪمپني جي خالي ڪيمپ تي فتنه الهندستان جو حملو ناڪام بڻائڻ ۽ 7 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻي صلاحيتن ۽ پختي عزم کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. گهرو وزارت مان جاري بيان موجب وفاقي وزير محسن نقوي چيو ته فتنه الهندستان جي دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي وقت سر ڪارروائي ڪري ناڪام بڻائيندڙ سيڪيورٽي فورسز جي بهادر پٽن تي سڄي قوم کي فخر آهي. گهرو وزير صاف لفظن ۾ تنبيهه ڪندي چيو ته بلوچستان جي امن ۽ تعمير ۽ ترقي جي سفر ۾ رڪاوٽ وجهندڙ ملڪ دشمن ڌرين ۽ دهشتگردن جو انجام صرف ۽ صرف عبرتناڪ موت آهي. هن وڌيڪ چيو ته دهشتگردي خلاف جاري هن جنگ ۾ سڄي قوم پنهنجي بهادر سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي.












