اسلام آباد- 23 آڪٽوبر (اي پي پي)پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽيرين جي سيڪريٽري جنرل سيد نئير حسين بخاري مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو جي ورسي تي کيس خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته بيگم نصرت ڀٽو جون جمهوريت خاطر لازوال قربانيون آهن. پيپلز پارٽي ميڊيا سيل مان جاري بيان ۾ سيد نئير حسين بخاري چيو ته بيگم نصرت ڀٽو آمريت خلاف جمهوريت جي بحالي واري تحريڪ جو بنياد رکيو ۽ …
پيپلز پارٽي جي سيڪريٽري جنرل سيد نئير حسين بخاري پاران مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو جي ورسي تي کيس خراج عقيدت پيش
اسلام آباد- 23 آڪٽوبر (اي پي پي)پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽيرين جي سيڪريٽري جنرل سيد نئير حسين بخاري مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو جي ورسي تي کيس خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته بيگم نصرت ڀٽو جون جمهوريت خاطر لازوال قربانيون آهن. پيپلز پارٽي ميڊيا سيل مان جاري بيان ۾ سيد نئير حسين بخاري چيو ته بيگم نصرت ڀٽو آمريت خلاف جمهوريت جي بحالي واري تحريڪ جو بنياد رکيو ۽ جمهوريت تي وارڪندڙن خلاف جرئتمند آواز اٿاريو. بيگم نصرت ڀٽو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي عهد کي ڀرپور طريقي سان نڀايو. ماءُ طور پنهنجي اولاد کي عوام جو احساس ۽ پاڪستان سان محبت جو درس ڏنو. اڄ به جڏهن آمريت خلاف للڪار جي ڳالهه ايندي آهي ته بيگم نصرت ڀٽو جي جدوجهد کانسواءِ نامڪمل محسوس ٿيندي آهي. هن چيو ته جڏهن آمريت جو ظلم گهٽي گهٽي ۾ هو تڏهن بيگم نصرت ڀٽو عوام جو هٿ پڪڙيو. نصرت ڀٽو آئين ۽ جمهوريت لاءِ جيڪا جدوجهد ڪئي ان جو مثال ڪٿي به نه ٿو ملي. پنهنجي همسفر کي جيل جي سلاخن پٺيان ظلم سهندي ڏسندي به جمهوريت جو رستو نه ڇڏيو. شهيد ڀٽو وانگر جمهوريت جي محافظ ۽ عوام جي اڳواڻ بڻجي سامهون آئي. ڀٽو ازم تي ڪاربند جيالا مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو کي خراج عقيدت پيش ڪن ٿا ۽ آئين جي بالادستي ۽ پارليامينٽ جي وقار جي تحفظ جي مشن تي قائم رهڻ جو عهد ڪن ٿا.












