حيدرآباد لڳ ٽنڊو ڄام پوليس پاران لغاري موڙ ڀرسان مبينه مقابلو، هڪ مبينه ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار، قبضي مان پستول ۽ موبائيل فون هٿ

حيدرآباد - 19 آڪٽوبر (اي پي پي) ٽنڊو ڄام ٿاڻي جي پوليس لغاري موڙ ڀرسان مبينه مقابلي ۾ هڪ مبينه ڦورو احسان پسيو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري سندس قبضي مان پستول ۽ موبائيل فون هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پوليس موجب جوابدار جا ٻه ساٿي فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. پوليس جي ترجمان موجب شروعاتي جاچ دوران معلوم ٿيو آهي ته گرفتار ٿيل جوابدار جو …

حيدرآباد – 19 آڪٽوبر (اي پي پي) ٽنڊو ڄام ٿاڻي جي پوليس لغاري موڙ ڀرسان مبينه مقابلي ۾ هڪ مبينه ڦورو احسان پسيو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري سندس قبضي مان پستول ۽ موبائيل فون هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پوليس موجب جوابدار جا ٻه ساٿي فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. پوليس جي ترجمان موجب شروعاتي جاچ دوران معلوم ٿيو آهي ته گرفتار ٿيل جوابدار جو تعلق ڦورو گينگ سان آهي جنهن بابت وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.