خيبر پختونخوا جي گورنر پاران قلات ۽ گوادر ۾ فتنه الهندستان جي 4 دهشتگردن جي مارجڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

پشاور - 19 آڪٽوبر (اي پي پي) خيبر پختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سومر تي قلات ۽ گوادر ۾ فتنه الهندستان جي 4 دهشتگردن جي مارجي وڃڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. گورنر هائوس پشاور جي ترجمان مطابق گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ضلعي گوادر م دهشتگردن خلاف ڪارروائي دوران ميجر وجاهت وحيد جي شهادت تي پڻ افسوس جو اظهار ڪيو. گورنر فيصل ڪريم ڪنڊيءَ ملڪ …

پشاور – 19 آڪٽوبر (اي پي پي) خيبر پختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سومر تي قلات ۽ گوادر ۾ فتنه الهندستان جي 4 دهشتگردن جي مارجي وڃڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. گورنر هائوس پشاور جي ترجمان مطابق گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ضلعي گوادر م دهشتگردن خلاف ڪارروائي دوران ميجر وجاهت وحيد جي شهادت تي پڻ افسوس جو اظهار ڪيو. گورنر فيصل ڪريم ڪنڊيءَ ملڪ جي دفاع ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ميجر وجاهت وحيد جي عظيم قرباني کي خراج عقيدت پيش ڪيو. هن شهيد ميجر وجاهت وحيد جي خاندان سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار پڻ ڪيو. گورنر چيو ته ميجر وجاهت وحيد وطن جي دفاع ۾ جان قربان ڪري فرض شناسي ۽ حب الوطني جو عظيم مثال قائم ڪيو آهي. هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز جون قربانيون ۽ پيشيواراڻيون خدمتون تعريف جوڳيون آهن. هن چيو ته ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم فتنه الهندستان خلاف سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروائيون واکاڻ جوڳيون آهن. هن چيو ته ملڪ جي امن ۽ استحڪام ۽ عوام جي تحفظ ۽ دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ پوري قوم سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي.