لاڙڪاڻي پوليس جون ڪارروايون، چوري ٿيل مينهن هٿ، گهربل جوابدار گرفتار

لاڙڪاڻو-16 آڪٽوبر (اي پي پي) لاڙڪاڻو پوليس جون  مختلف ھنڌن تي ڪامياب ڪاررواين دوران چوري ٿيل مينهن هٿ، گهربل ۽ آءِ آر لسٽڊ جوابدار گرفتار.پوليس ترجمان موجب لاڙڪاڻو پوليس جي  رشيد وڳڻ ٿاڻي جي حد عثمان جماراڻي واري علائقي ۾ بروقت ۽ ڪامياب ڪارروائي دوران لکين رپين جي ماليت جي چوري ٿيل مينهن هٿ ڪري ورتي هٿ ڪيل مينهن اصل مالڪ شهري عبدالحميد حوالي ڪئي وئي آهي.واقعي ۾ ملوث جوابدارن …

لاڙڪاڻو-16 آڪٽوبر (اي پي پي) لاڙڪاڻو پوليس جون  مختلف ھنڌن تي ڪامياب ڪاررواين دوران چوري ٿيل مينهن هٿ، گهربل ۽ آءِ آر لسٽڊ جوابدار گرفتار.پوليس ترجمان موجب لاڙڪاڻو پوليس جي  رشيد وڳڻ ٿاڻي جي حد عثمان جماراڻي واري علائقي ۾ بروقت ۽ ڪامياب ڪارروائي دوران لکين رپين جي ماليت جي چوري ٿيل مينهن هٿ ڪري ورتي هٿ ڪيل مينهن اصل مالڪ شهري عبدالحميد حوالي ڪئي وئي آهي.واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتارين لاءِ پوليس جون ڇاپا مار ڪارروايون جاري آهن.ايس ايس پي لاڙڪاڻو اظهر خان لاڳاپيل پوليس ٽيم کي شاباشون ڏيندي جوابدارن جي گرفتارين کي يقيني بڻائڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن.ٻي ڪارروائي ايئرپورٽ ٿاڻي جي حد ٻلھڙيجي بند واري علائقي ۾ ڪئي وئي،ڪارروائي دوران گهربل جوابدار گرفتار  ڪري ورتو .گرفتار جوابدار جي سڃاڻپ مظهر چنا طور ٿي آهي.جوابدار کي لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪيو پيو وڃي.ٽين ڪارروائي ۾ لاڙڪاڻو پوليس تعلقي ٿاڻي جي حد گاڙهي واهه واري علائقي ۾ ڪامياب ڪارروائي دوران عبدالمجيد نالي آءِ آر لسٽڊ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.ڪامياب ڪارروائين ڪرڻ تي ايس ايس پي لاڙڪاڻو اظهر خان جي طرفان لاڳاپيل پوليس ٽيمن  لاءِ شاباش جا پيغام جاري ڪري ڇڏيا آهن.