بي آءِ ايس پي پاران حقدار عورتن کي نئين ڊجيٽل ادائيگي نظام سان ڳنڍڻ لاءِ آگاهي ۽ تربيتي مهم شروع

ڪراچي-16 آڪٽوبر (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام بي آءِ ايس پي جي ايڊيشنل سيڪريٽري ڊاڪٽر عصمت نواز چيو آهي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) مستحق عورتن کي نئين ڊجيٽل ادائيگي نظام سان ڳنڍڻ لاءِ ملڪ گير آگاهي ۽ تربيتي مهم شروع ڪري ڇڏي آهي.نئين نظام تحت مستحق عورتون ادائيگي جي تصديقي ايس ايم ايس ملڻ کانپوءِ ون لنڪ نيٽ ورڪ ذريعي ملڪ جي ڪنهن به …

ڪراچي-16 آڪٽوبر (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام بي آءِ ايس پي جي ايڊيشنل سيڪريٽري ڊاڪٽر عصمت نواز چيو آهي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) مستحق عورتن کي نئين ڊجيٽل ادائيگي نظام سان ڳنڍڻ لاءِ ملڪ گير آگاهي ۽ تربيتي مهم شروع ڪري ڇڏي آهي.نئين نظام تحت مستحق عورتون ادائيگي جي تصديقي ايس ايم ايس ملڻ کانپوءِ ون لنڪ نيٽ ورڪ ذريعي ملڪ جي ڪنهن به مجاز ريٽيلر وٽان وظيفي جي رقم وصول ڪري سگهنديون، جنهن سان مخصوص ادائيگي مرڪزن تائين وڃڻ جي پابندي ختم ٿيندي ۽ سفري خرچن ۾ پڻ گهٽتائي ايندي. ڪراچي ۾ منعقد ٿيل افتتاحي تربيتي سيشن کي خطاب ڪندي هن چيو ته عملي جي تربيت ۽ مستحق عورتن ۾ آگاهي ذريعي نئين نظام تي اثرائتي عملدرآمد کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو. هن واضح ڪيو ته رقم مان غيرقانوني ڪٽوتي يا ڌوڪي جي ڪنهن به شڪايت تي فوري قانوني ۽ انتظامي ڪارروائي ڪئي ويندي. هن مستحق عورتن کي هدايت ڪئي ته ڪنهن به شڪايت جي صورت ۾ بي آءِ ايس پي جي ٽول فري هيلپ لائن 0800-26477 تي رابطو ڪن يا ويجهي تعلقي آفيس ۾ شڪايت داخل ڪرائين.مهم جي پهرئين مرحلي ۾ سنڌ ۾ مقرر بي آءِ ايس پي آفيسرن کي ڊجيٽل والٽس، ادائيگي جي نئين طريقيڪار ۽ مالي تحفظ بابت تربيت ڏني وئي. پروگرام جو مقصد ادائيگين ۾ شفافيت وڌائڻ، مستحق عورتن کي سهولت فراهم ڪرڻ ۽ غيرقانوني ڪٽوتين جي روڪٿام کي يقيني بڻائڻ آهي.