وفاقي گهرو وزير پاران واشڪ ۽ مستونگ ۾ ٿيل ڪامياب آپريشن دوران07  خارجين کي جهنم ڀيڙوڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد- 15 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي بلوچستان جي علائقن واشڪ ۽ مستونگ ۾ ٿيل ڪامياب آپريشن دوران 07 خارجين کي جهنم ڀيڙوڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. هن ٻن ڪاررواين دوران 07 خوارجين کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي عزم ۽ اعليٰ پيشيوراڻين صلاحيتن جي تعريف ڪئي. گهرو وزارت پاران جاري ڪيل بيان موجب وفاقي وزير …

اسلام آباد- 15 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي بلوچستان جي علائقن واشڪ ۽ مستونگ ۾ ٿيل ڪامياب آپريشن دوران 07 خارجين کي جهنم ڀيڙوڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. هن ٻن ڪاررواين دوران 07 خوارجين کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي عزم ۽ اعليٰ پيشيوراڻين صلاحيتن جي تعريف ڪئي. گهرو وزارت پاران جاري ڪيل بيان موجب وفاقي وزير واضع ڪيو ته سيڪيورٽي فورسز  پاران وقت تي ڪارروايون قومي سلامتي جي تحفظ جي اڻٽر عزم جي عڪاسي آهن. هن وڌيڪ چيو ته پوري قوم ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين پنهنجي بهادر سيڪيورٽي فورسز سان گڏ آهي.

مزید خبریں