سينٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پاران پشاور ۾ خانگي اسڪول جي ڇت ڪرڻ سبب استادن سميت شاگردن جي فوت ٿيڻ تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد- 15 آڪٽوبر (اي پي پي) سينٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پشاور جي علائقي دير ڪالوني ۾ واقع هڪ خانگي اسڪول جي ڇت ڪرڻ سبب استادن سميت شاگردن جي فوت ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سينيٽ سيڪرٽريٽ پاران جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته معصوم شاگردن جي قيمتي حياتين جو نقصان قومي سانحو آهي. هن حادثي ۾ فوت ٿي ويلن جي ڪٽنب …

اسلام آباد- 15 آڪٽوبر (اي پي پي) سينٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پشاور جي علائقي دير ڪالوني ۾ واقع هڪ خانگي اسڪول جي ڇت ڪرڻ سبب استادن سميت شاگردن جي فوت ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سينيٽ سيڪرٽريٽ پاران جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته معصوم شاگردن جي قيمتي حياتين جو نقصان قومي سانحو آهي. هن حادثي ۾ فوت ٿي ويلن جي ڪٽنب سان تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي ڪندي زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. هن لاڳاپيل عملدارن کي هديت ڪئي ته حادثي ۾ زخمي ٿيلن کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن. سينيٽ چيئرمين چيو ته ان قسم جي افسوس جوڳن واقعن جي روڪٿام لاءِ اثرائتا قدم کڻڻ انتهائي ضروري آهن.

مزید خبریں