اسلام آباد- 15 آڪٽوبر (اي پي پي)قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق پشاور جي علائقي دير ڪالوني ۾ واقع هڪ خانگي اسڪول جي ڇت ڪرڻ سبب استاد سميت 20 کان وڌيڪ شاگردن جي فوت ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. قومي اسيمبلي سيڪرٽريٽ پاران جاري ڪيل بيان ۾ اسپيڪر چيو ته ته معصوم ٻارن جي قيمتي حياتين جو نقصان قومي سانحو آهي. هن حادثي ۾ فوت ٿي ويلن جي …
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران پشاور ۾ خانگي اسڪول جي ڇت ڪرڻ سبب استاد سميت 20 کان وڌيڪ شاگردن جي فوت ٿيڻ تي ڏک جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد- 15 آڪٽوبر (اي پي پي)قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق پشاور جي علائقي دير ڪالوني ۾ واقع هڪ خانگي اسڪول جي ڇت ڪرڻ سبب استاد سميت 20 کان وڌيڪ شاگردن جي فوت ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. قومي اسيمبلي سيڪرٽريٽ پاران جاري ڪيل بيان ۾ اسپيڪر چيو ته ته معصوم ٻارن جي قيمتي حياتين جو نقصان قومي سانحو آهي. هن حادثي ۾ فوت ٿي ويلن جي ڪٽنب سان تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. هن لاڳاپيل عملدارن کي هديت ڪئي ته حادثي ۾ زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن. سردار اياز صادق وڌيڪ چيو ته اسان متاثر ڪٽنبن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. هن افسوسناڪ واقعي ۾ فوت ٿي ويلن جي ڪٽنب جي صبر ۽ تحمل لاءِ ڌڻي در دعا پڻ ڪئي.











