انگلينڊ جي سائيڪل سوار ايما فنوڪين عالمي چيمپئين شپ ۾ سون جو تمغو حاصل ڪرڻ لاءِ پر عزم

شنگهائي -14 آڪٽوبر (اي پي پي) انگلينڊ جي سائيڪل سوار ايمافنوڪين ساٿي ايٿليٽس ڪيلي هوجڪنسن ۽ ايمي هنٽ کان متاثر ٿي عالمي ٽريڪ سائيڪلنگ چيمپئين شپ ۾ نئين عزم سان شرڪت جي تياري ڪري ورتي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ٽئي رانديگر سال 2002 ع ۾ پيدا ٿيون هيون ۽ هاڻي تائين اولمپڪس، عالمي ۽ يورپي مقابلن ۾ مجموعي طور تي 17 اعزاز حاصل ڪري چڪيون آهن. 23 سالن جي ايما …

شنگهائي -14 آڪٽوبر (اي پي پي) انگلينڊ جي سائيڪل سوار ايمافنوڪين ساٿي ايٿليٽس ڪيلي هوجڪنسن ۽ ايمي هنٽ کان متاثر ٿي عالمي ٽريڪ سائيڪلنگ چيمپئين شپ ۾ نئين عزم سان شرڪت جي تياري ڪري ورتي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ٽئي رانديگر سال 2002 ع ۾ پيدا ٿيون هيون ۽ هاڻي تائين اولمپڪس، عالمي ۽ يورپي مقابلن ۾ مجموعي طور تي 17 اعزاز حاصل ڪري چڪيون آهن. 23 سالن جي ايما فنوڪين تازو ڪامن ويلٿ گيمز ۾ ويلز جي نمائندگي ڪندي 4 سون جا ٻلا کٽي تاريخي اعزاز حاصل ڪيو هيو. سندسچوڻ هيو ته راند ۾ ڪاميابي لاءِ جسماني تياري سان گڏوگڏ خود اعتمادي ۽ شخصيت جو اظهار به اهم آهي. هوءَ ايمي هنٽ جي منفرد ننهن جي انداز ۽ ڪيلي هوجڪنسن جي دلڪش لباس مان متاثر آهي. سندس موجب موجوده عالمي چيمپئين شپ سال 2028 ع جي لاس اينجلس اولمپڪس جي تياري جو اهم مرحلو آهي. عالمي ٽريڪ سائيڪلنگ چيمپئين شپ 14 کان 18 آڪٽوبر تائين چين جي شهر شنگهائي ۾ منعقد ٿيندي جنهن ۾ 19 رڪني برطانوي ٽيم شرڪت ڪندي.