چين جي سائنسدانن وقت جي انتهائي درست پيمائش ڪندڙ نئين نيوڪلئير گهڙي تيار ڪري ورتي

بيجنگ- 12 آڪٽوبر (اي پي پي) چين جي سائنسدانن وقت جي انتهائي درست پيمائش ڪندڙ نئين نيوڪلئير گهڙي تيار ڪري ورتي آهي، جنهن سان وقت جي انتهائي درست پيمائش جو طريقو ايٽمز (atoms) اندر اليڪٽرون (electron) جي توانائي جي سطحن ۾ تبديلي بدران ايٽمي مرڪز (Nucleus Atomic) اندر تبديلين ڏانهن منتقل ٿي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق سالڊ اسٽيٽ نيوڪلئير ڪلاڪ جي ننڍي هجڻ ۽ انجنيئرنگ جي لحاظ کان امڪاني …

بيجنگ- 12 آڪٽوبر (اي پي پي) چين جي سائنسدانن وقت جي انتهائي درست پيمائش ڪندڙ نئين نيوڪلئير گهڙي تيار ڪري ورتي آهي، جنهن سان وقت جي انتهائي درست پيمائش جو طريقو ايٽمز (atoms) اندر اليڪٽرون (electron) جي توانائي جي سطحن ۾ تبديلي بدران ايٽمي مرڪز (Nucleus Atomic) اندر تبديلين ڏانهن منتقل ٿي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق سالڊ اسٽيٽ نيوڪلئير ڪلاڪ جي ننڍي هجڻ ۽ انجنيئرنگ جي لحاظ کان امڪاني فائدا آهن ۽ توقع آهي ته اها گهڙي سيٽلائٽ نيويگيشن ۽ خلائي تحقيق سميت مختلف شعبن ۾ وقت ۽ فريڪوئنسي جي انتهائي درست پيمائش جون ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ مدد ڏيندي. چنگ هوا يونيورسٽي جي ماهر زائي هوئي چيو آهي ته توقع آهي ته اها نئين گهڙي وقت ۽ فريڪوئنسي جي ايندڙ نسل جو معيار قائم ڪندي ۽ ڪوانٽم جي انتهائي درست پيمائش جي شعبي ۾ هڪ اهم اڳڀرائي ثابت ٿيندي.