وفاقي گهرو وزير پاران پاڪ افغان سرحد تي دهشتگردن جي دراندازي جي ڪوشش ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد- 11 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ڪرم ضلعي ۾ پاڪ افغان سرحد تي فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي دراندازي واري ڪوشش کي ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي واٰقعي ۾ شهيد ٿيل نائب صوبيدار هدايت امان کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. گهرو وزارت مان جاري ڪيل بيان موجب محسن نقوي فائرنگ جي ڏي وٺ دوران وطن جي حفاظت دوران …

اسلام آباد- 11 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ڪرم ضلعي ۾ پاڪ افغان سرحد تي فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي دراندازي واري ڪوشش کي ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي واٰقعي ۾ شهيد ٿيل نائب صوبيدار هدايت امان کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. گهرو وزارت مان جاري ڪيل بيان موجب محسن نقوي فائرنگ جي ڏي وٺ دوران وطن جي حفاظت دوران جان جو نذرانو پيش ڪندڙ نائب صوبيدار هدايت امان جي عظيم قرباني تي کيس خراج عقيدت پيش ڪندي سندس ڪٽنب سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز وقت سر اثرائتي ڪارروائي ڪندي 12 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو ۽ سرحد پار کان ٿيندڙ دراندازي کي ناڪام بڻائي دشمن جي ناپاڪ ارادن کي مٽيءَ ۾ ملايو. هن وطن جي دفاع ۾ مصروف بهادر اهلڪارن کي سلام پيش ڪندي چيو ته قوم کي سيڪيورٽي فورسز جي صلاحيتن ۽ بي مثال جرئت تي فخر آهي.

مزید خبریں