گڏيل قومون- 11 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش، سعودي عرب جي گادي واري هنڌ رياض جي عالمي هوائي اڏي تي حملي جي شديد مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق هڪ بيان ۾ هن چيو ته هو رياض جي ڪنگ خالد عالمي هوائي اڏي تي ٿيل حوثين جي حملي تي ڏک جو اظهار ۽ ان جي شديد مذمت ڪري ٿو، جنهن ۾ 12 ڄڻا فوت …
گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاران رياض ايئرپورٽ تي حملي جي مذمت
گڏيل قومون- 11 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش، سعودي عرب جي گادي واري هنڌ رياض جي عالمي هوائي اڏي تي حملي جي شديد مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق هڪ بيان ۾ هن چيو ته هو رياض جي ڪنگ خالد عالمي هوائي اڏي تي ٿيل حوثين جي حملي تي ڏک جو اظهار ۽ ان جي شديد مذمت ڪري ٿو، جنهن ۾ 12 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا، شهرين ۽ شهري بنيادي ڍانچي تي حملو عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهي، انهن حملن کي فوري بند ٿيڻ گهرجي. سعودي عرب جي جنرل اٿارٽي آف سول ايوي ايشن مطابق رياض جي ڪنگ خالد عالمي هوائي اڏي تي حملي جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 12 ڄڻا فوت ۽ 309 ڄڻا زخمي ٿيا.












