واشنگٽن- 09 آڪٽوبر (اي پي پي) آمريڪي ٽيڪنالاجي ڪمپني ايمازون پهريون ڀيرو گوگل جي اينڊرائيڊ آپريٽنگ سسٽم تي هلندڙ ٽيبلٽس سيريز متعارف ڪرائي ڇڏيي آهي جن ۾ ڪمپني جو جديد اي آءِ وائس اسسٽنٽ اليڪسا پلس به شامل هوندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڪمپني اهو قدم مهانگي ۽ اعليٰ معيار جي ڊيوائسز جي مارڪيٽ ۾ قدم وڌائڻ جي حڪمت عملي تحت کنيو آهي. آمريڪي شهر سان فرانسسڪو ۾ گذريل ڏينهن متعارف …
ايمازون پاران پهريون ڀيرو اينڊرائيڊ آپريٽنگ سسٽم وارا ٽيبلٽس متعارف

مزید خبریں
واشنگٽن- 09 آڪٽوبر (اي پي پي) آمريڪي ٽيڪنالاجي ڪمپني ايمازون پهريون ڀيرو گوگل جي اينڊرائيڊ آپريٽنگ سسٽم تي هلندڙ ٽيبلٽس سيريز متعارف ڪرائي ڇڏيي آهي جن ۾ ڪمپني جو جديد اي آءِ وائس اسسٽنٽ اليڪسا پلس به شامل هوندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڪمپني اهو قدم مهانگي ۽ اعليٰ معيار جي ڊيوائسز جي مارڪيٽ ۾ قدم وڌائڻ جي حڪمت عملي تحت کنيو آهي. آمريڪي شهر سان فرانسسڪو ۾ گذريل ڏينهن متعارف ڪرايل سيريز ” ايمازون اليڪسا ٽيبلٽس“ جي شروعاتي قيمت 230 ڊالرز کان 500 ڊالرز تائين رکيل آهي جڏهن ته سڀني کان مهانگي ماڊل جي قيمت 550 ڊالرز آهي. سمورا نوان ٽيبلٽس ايلومينيم باڊي سان پيش ڪيا ويا آهن، جيڪي ايمازون جي اڳوڻن فائر ٽيبلٽس ۾ استعمال ٿيل پلاسٽڪ باڊي کان مختلف آهي. 550 ڊالرز جو 128 جي بي اسٽوريج وارو اعليٰ ماڊل ايپل جي 450 ڊالرز جي آءِ پيڊ ۽ سام سنگ جي 550 ڊالرز جي گليڪسي ٽيبلٽ جي ڀيٽ ۾ پيش ڪيو ويو آهي. ان کان اڳ ايمازون جو مهانگو ترين فائر ايڇ ڊي 10 ٽيبلٽ اٽڪل 180 ڊالرز ۾ دستياب هو. ايمازون جي ڊيوائسز جي سربراهه مطابق نون ٽيبلٽس ۾ اي آءِ سان ليس اليڪسا پلس نمايان فيچرز آهن، جيڪي صارفين جي سوالن جا جواب ڏيڻ سان گڏوگڏ مختلف ڪم انجام ڏئي سگهندا. اليڪسا پلس جي استعمال لاءِ پرائم ميمبرشپ يا ڌار سبسڪرپشن گهربل هوندي. ايمازون جو چوڻ آهي ته فائر او ايس تي هلندڙ پراڻا ٽيبلٽس لڳاتار ڪم ڪندا رهندا، پر ڪمپني اهو واضح ناهي ڪيو ته هو فائر او ايس ۽ ان جي ايپ اسٽور جي سار سنڀال مستقبل ۾ جاري رکندي يا نه.











