عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچو تيل سستو ٿي ويو، سون، چاندي ۽ زرعي جنسون مهانگيون ٿي ويون

اسلام آباد- 09 آڪٽوبر (اي پي پي) عالمي مارڪيٽ ۾ جمعي ڏينهن ڪاروباري هفتي جي آخري ڏينهن ڪچي تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جڏهن ته سون، چاندي ۽ اڪثر زرعي جنسن جي قيمتن ۾ اضافي جو رجحان رهيو. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ مطابق آمريڪي ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيٽ تحت ڪچي تيل جا مستقبل جا سودا 1.27 ڊالر جي گهٽتائي بعد 90.22 ڊالر في بيرل ۾ طئي ٿيا، جڏهن ته برينٽ ڪروڊ …

اسلام آباد- 09 آڪٽوبر (اي پي پي) عالمي مارڪيٽ ۾ جمعي ڏينهن ڪاروباري هفتي جي آخري ڏينهن ڪچي تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جڏهن ته سون، چاندي ۽ اڪثر زرعي جنسن جي قيمتن ۾ اضافي جو رجحان رهيو. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ مطابق آمريڪي ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيٽ تحت ڪچي تيل جا مستقبل جا سودا 1.27 ڊالر جي گهٽتائي بعد 90.22 ڊالر في بيرل ۾ طئي ٿيا، جڏهن ته برينٽ ڪروڊ جي سودن جي قيمت 1.50 ڊالر جي گهٽتائي سان 102.78 ڊالر في بيرل رهي. ٻئي پاسي سون جي قيمت ۾ 65.62 ڊالر جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو، جنهن بعد ان جي قيمت 4198.12 ڊالر في اونس ٿي وئي. اهڙي طرح چاندي جي قيمت 1.45 ڊالر جي اضافي سان 60.68 ڊالر في اونس تائين پهچي وئي. زرعي جنسن جي مارڪيٽ ۾ به تيزي جو رجحان رهيو. مڪئي جي قيمت 2.25 ڊالر جي اضافي سان 502.50 ڊالر في بشل جڏهن ته ڪڻڪ جي قيمت 2.75 ڊالر جي واڌ سان 686 ڊالر في بشل ٿي وئي. رپورٽ مطابق ڪپهه جي قيمت ۾ 0.78 سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو جڏهن ته زنده چوپائي مال جي قيمت ۾ 0.22 ڊالرز في يونٽ جي گهٽتائي ٿي.