تڪرارن جي حل ۽ بامعنيٰ ڳالهين کي هٿي ڏيڻ ۾ عورت سفارتڪارن جو ڪردار اڻٽر آهي: سفير ممتاز زهرا بلوچ

پيرس - 08 آڪٽوبر (اي پي پي) فرانس ۾ پاڪستان جي سفير ممتاز زهرا بلوچ عالمي لاڳاپن ۾ عورتن جي اهم ڪردار کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته عالمي امن، تڪرارن جي حل ۽ بامعنيٰ ڳالهين کي هٿي ڏيڻ ۾ عورت سفارتڪارن جو ڪردار اڻٽر آهي. اها ڳالهه هن رونٽا ڪلب انٽرنيشنل جي انتظام هيٺ فرانس جي گادي واري شهر پيرس ۾ منعقد ڪانفرنس وومين ان گلوبل ڊپلوميسي کي خطاب …

پيرس – 08 آڪٽوبر (اي پي پي) فرانس ۾ پاڪستان جي سفير ممتاز زهرا بلوچ عالمي لاڳاپن ۾ عورتن جي اهم ڪردار کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته عالمي امن، تڪرارن جي حل ۽ بامعنيٰ ڳالهين کي هٿي ڏيڻ ۾ عورت سفارتڪارن جو ڪردار اڻٽر آهي. اها ڳالهه هن رونٽا ڪلب انٽرنيشنل جي انتظام هيٺ فرانس جي گادي واري شهر پيرس ۾ منعقد ڪانفرنس وومين ان گلوبل ڊپلوميسي کي خطاب ڪندي چئي، جنهن ۾ هن خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. ڪانفرنس ۾ مشهور سفارتڪارن، تعليمي ماهرن، يونيورسٽين جي شاگردن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن سميت زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن شرڪت ڪئي. ڪانفرنس ۾ سفارتڪاري ۽ عالمي لاڳاپن ۾ عورتن جي اهميت، ڪردار ۽ مستقبل سان گڏو گڏ متوازن عالمي طرز حڪمراني جي حوالي سان اهم معاملن تي به روشني وڌي وئي.