ڪيف-15 سيپٽمبر(اي پي پي) يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي چيو آهي ته جيڪڏهن روس به ائين ڪري ته يوڪرين به ڪجهه هدفن تي حملا روڪڻ لاءِ تيار آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب صدر زيلنسڪي چيو ته جيڪڏهن شراڪتدار ان ڳالهه کي يقيني بنائڻ لاءِ تيار آهن ته روس يوڪرين جي بجلي نظام، ٻين توانائي ٺڪاڻن، اهم بنيادي ڍانچي ۽ غذائي شين فراهمي جي رستن کي نشانو بنائڻ کان پاسو ڪري ته يوڪرين به ان جي جواب ۾ اهڙا حملا روڪڻ لاءِ تيار آهي. هن چيو …
روس حملا روڪي ته يوڪرين به ڪجهه هدفن تي حملا روڪڻ لاءِ تيار آهي: يوڪرين جو صدر زيلنسڪي

مزید خبریں
ڪيف-15 سيپٽمبر(اي پي پي) يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي چيو آهي ته جيڪڏهن روس به ائين ڪري ته يوڪرين به ڪجهه هدفن تي حملا روڪڻ لاءِ تيار آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب صدر زيلنسڪي چيو ته جيڪڏهن شراڪتدار ان ڳالهه کي يقيني بنائڻ لاءِ تيار آهن ته روس يوڪرين جي بجلي نظام، ٻين توانائي ٺڪاڻن، اهم بنيادي ڍانچي ۽ غذائي شين فراهمي جي رستن کي نشانو بنائڻ کان پاسو ڪري ته يوڪرين به ان جي جواب ۾ اهڙا حملا روڪڻ لاءِ تيار آهي. هن چيو ته ڪنهن به جزوي جنگ بندي کي قابل اعتماد ۽ گهڻ مدي وارو هجڻ گهرجي ۽ اهو روس ۾ هلندڙ مهيني ٿيدڙ چونڊن بعد به برقرار رهڻ گهرجي. زيلنسڪي زور ڀريو ته جنگ جو خاتمو ضروري آهي ۽ اهم بنيادي ڍانچي کي نشانو بنائڻ کان پاسو ڪرڻ تي ٻڌل ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جا قدم امن طرف پهريون قدم ثابت ٿي سگهي ٿو. ان کان اڳ صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو هو ته روس ۽ يوڪرين توانائي جي بنيادي ڍانچي تي حملا روڪڻ تي راضي ٿي ويا آهن.











