ڪوالالمپور-15 سيپٽمبر (اي پي پي) ملائيشيا جي مختلف علائقن ۾ فضائي گدلاڻ جي صورتحال وڌيڪ خراب ٿي وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ملڪ جي ايئر پوليوننٽ انڊيڪس مينيجمينٽ سسٽم جي انگن اکرن موجب گهٽ ۾ گهٽ 37 علائقن ۾ هوا جو معيار غير صحت بخش ريڪارڊ ڪيو ويو. اتر بورنيو جي رياست سراواڪ جي ڪجهه علائقن ۾ فضائي گدلاڻ سڀ کان وڌيڪ خراب آهي. ملائيشيا جي فضائي معيار جي پيماني موجب اي پي آءِ ٻڙي کان 50 تائين …
ملائيشيا جي مختلف علائقن ۾ فضائي گدلاڻ جي صورتحال خراب

مزید خبریں
ڪوالالمپور-15 سيپٽمبر (اي پي پي) ملائيشيا جي مختلف علائقن ۾ فضائي گدلاڻ جي صورتحال وڌيڪ خراب ٿي وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ملڪ جي ايئر پوليوننٽ انڊيڪس مينيجمينٽ سسٽم جي انگن اکرن موجب گهٽ ۾ گهٽ 37 علائقن ۾ هوا جو معيار غير صحت بخش ريڪارڊ ڪيو ويو. اتر بورنيو جي رياست سراواڪ جي ڪجهه علائقن ۾ فضائي گدلاڻ سڀ کان وڌيڪ خراب آهي. ملائيشيا جي فضائي معيار جي پيماني موجب اي پي آءِ ٻڙي کان 50 تائين سٺو، 51 کا 100 تائين وچولو، 101 کان 200 تائين غير صحت بخش، 201 کان 300 تائين انتهائي غير صحت بخش جڏهن ته 301 يا ان کان وڌيڪ خطرناڪ قرار ڏنو ويندو آهي.











