اسلام آباد -11 سيپٽمبر (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري سان پاڪستان بزنس ڪائونسل جي چيف ايگزڪيٽو آفيسر جاويد قريشيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ وفد ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاور سيڪٽر ۾ بجلي جي طلب وڌائڻ، موجود پيداواري صلاحيت جي موثر استعمال، لاڳت ۾ گهٽتائي ۽ معاشي سرگرمين لاءِ بجليءَ جي استعمال کي هٿي ڏيڻ جي امڪانن تي غور ڪيو ويو.پاور ڊويزن جي ترجمان ان …
توانائي واري وفاقي وزير سان پاڪستان بزنس ڪائونسل جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر جي اڳواڻي ۾ وفد جي ملاقات
اسلام آباد -11 سيپٽمبر (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري سان پاڪستان بزنس ڪائونسل جي چيف ايگزڪيٽو آفيسر جاويد قريشيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ وفد ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاور سيڪٽر ۾ بجلي جي طلب وڌائڻ، موجود پيداواري صلاحيت جي موثر استعمال، لاڳت ۾ گهٽتائي ۽ معاشي سرگرمين لاءِ بجليءَ جي استعمال کي هٿي ڏيڻ جي امڪانن تي غور ڪيو ويو.پاور ڊويزن جي ترجمان ان موقعي تي پاڪستان بزنس ڪائونسل طرفان ڊاڪٽر نويد ارشد تيار ڪيل اسٽريٽجڪ فريم ورڪ تي تفصيلي بريفنگ ڏني جنهن ۾ پاور سيڪٽر کي درپيش طلب ۽ لاگت جي گڏيل چئلينجز، بجلي جي کپت وڌائڻ جي امڪانن ۽ موجوده پيداواري صلاحيت کي بهتر استعمال بابت مختلف تجويزن پيش ڪيون ويون. ايندڙ 5 کان 7 سالن دوران بجلي جي سالياني طلب ۾ تقريبن 44 مان 45 ٽيرا واٽ آور تائين جي امڪانن جو جائزو پڻ پيش ڪيو ويو. بريفنگ ۾ اليڪٽرڪ بسن ۽ گاڏين، گيس ٽو گرڊ منتقلي، زراعت، ڊيٽا سينٽرز، ريلوي ۽ صنعتي شعبن ۾ بجلي جي استعمال کي هٿي ڏيڻ جي مختلف امڪانن تي غور ڪيو ويو، اهو پڻ ٻڌايو ويو ته بجلي جي واڌ طلب پيدا ڪري موجوده فڪسڊ ڪيپيسٽي لاڳت کي وڌيڪ يونٽس ۾ ورهائي سگهجي ٿو، جنهن ۾ في يونٽ لاڳت ۾ استحڪام آڻڻ ۾ مدد ملندي. توانائيءَ واري وزير، سردار اويس احمد خان لغاري چيو ته بجليءَ جي طلب ۾ واڌ، دستياب پيداواري صلاحيت جو موثر استعمال ۽ پاور سيڪٽر جي لاڳت ۾ گهٽتائي حڪومت جي سڌاراجاتي ترجيحن ۾ شامل آهن. هن ٻڌايو ته حڪومت پاور سيڪٽر جي لاڳت گهٽ ڪرڻ ۽ صارفين تي غير ضروري بار گهٽ ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي قدمن تي پهرين کان ڪم جاري آهي. وفاقي وزير ٻڌايو ته اٽڪل 2 ڪروڙ 10 لک صارفين هن وقت 40 کان 50 سيڪڙو تائين سبسڊي مان فائدو کڻي رهيا آهن ۽ حڪومت ڪراس سبسڊي جي بار کي گهٽ ڪرڻ لاءِ سڌارا ڪري رهي آهي. هن چيو ته پاور سيڪٽر جي لاڳت کي گهٽ ڪرڻ ۽ سبسڊي جي نظام کي وڌيڪ موثر ۽ پائيدار بڻائڻ ضروري آهي ته جيئن صارفين تي غير ضروري مالي بار گهٽ ڪري سگهجي. وفاقي وزير واضح ڪيو ته حڪومت اهڙن منصوبن جي حوصلا افزائي نه ڪندي جيڪي گهٽ ترين لاڳت جي اصولن جي ڀڃڪڙي جو سبب بڻجن. هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن منصوبي جي نتيجي ۾ گهٽ ترين لاڳت جي اصولن جي ڀڃڪڙي ٿئي ته ان جو وڌو مالي بار صارفين تي منتقل نه ڪيو ويندو. پر لاڳاپيل منصوبي کي اها لاڳت پاڻ برداشت ڪرڻي پوندي. وفاقي وزير ٻڌايو ته ٻن سالن ۾ ڊسڪوز جي نقصانن کي گهٽ ڪري 265 ارب روپين جي بچت ممڪن ٿي ان جي ڪارڪردگيءَ بهتر بڻائڻ لاءِ عملي قدم کڻي رهيا آهيون. هن چيو ته بجليءَ جي شعبي ۾ سڌارن جو مقصد صرف لاڳت گهٽ ڪرڻ نه آهي پر نظام کي وڌيڪ موثر ۽ صارف دوست بڻائڻ آهي. وفاقي وزير ٻڌايو ته صنعتي شعبي ۾ واڌو بجلي جي طلب پيدا ڪرڻ لاءِ ٽائيم آف يوز ٽيرف سان صنعتن کي معمول جي کپت کان وڌيڪ بجلي استعمال ڪرڻ تي اضافي بجلي في يونٽ گهٽ اگهه تي ملندي جنهن سان بجلي جي کپت ۽ پيداوار صلاحيت ۾ واڌارو ايندو. وفاقي وزير مقامي ڪوئلي جي استعمال جي حوالي سان بابت ٻڌايو آهي ته درآمدي ڪوئلي تي هلندڙ پاور پلانٽس کي مقامي ڪوئلي تي منتقل ڪرڻ بابت جائزو مڪمل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ڪوئلي جي تبديليءَ سان درآمدي ڪوئلي تي دارومدار گهٽ ٿيندو ۽ مقامي ڪوئلي جي استعمال سان بجلي جي پيداوار ۾ درآمدي ضرورت ان سان ڳنڍيل لاڳت کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي. وفاقي وزير چيو ته حڪومت ملڪ ۾ بجلي جي رسد وڌائڻ لاءِ به ڪم ڪري رهي آهي ۽ ويجهي مستقبل تائين سئو سيڪڙو بجلي جي فراهمي جو هدف حاصل ڪرڻ لاءِ به قدم جاري آهن. بجلي جي طلب ۾ پائيدار اضافو ان وقت ممڪن آهي جڏهن ملڪ جي سمورن علائقن ۽ طبقن کي بجلي تائين موثر رسائي حاصل هجي ۽ نئين طلب کي معاشي سرگرمين سان ڳنڍيو وڃي. وفاقي وزير پاڪستان بزنس ڪائونسل طرفان پاور سيڪٽر ۾ بجلي جي طلب وڌائڻ ۽ لاڳت گهٽ ڪرڻ جي امڪانن تي غور لاءِ پيش ڪيل تجويزن جي آجيان ڪندي چيو ته ان قسم جي مشاورت سان جاري سڌاراجاتي عمل کي وڌيڪ موثر بڻائڻ سان مدد ملي سگهي ٿي. هن چيو ته حڪومت پاور سيڪٽر ۾ طلب، لاگت، ڪارڪردگي ۽ صارفين جي مفادن کي نظر ۾ رکندي قابل عمل قدمن تي ڪم جاري رکندي.












