قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير سان تاجڪستان جي سفير جي ملاقات

اسلام آباد-11 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين سان تاجڪستان جي سفير يوسف شريف زاده ملاقات ڪئي. ملاقات دوران پاڪستان ۽ تاجڪستان وچ ۾ گڏيل واپار، زرعي تعاون، اقتصادي رابطن ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت موجب ملاقات دوران تاجڪستان جي سفير وفاقي وزير …

اسلام آباد-11 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين سان تاجڪستان جي سفير يوسف شريف زاده ملاقات ڪئي. ملاقات دوران پاڪستان ۽ تاجڪستان وچ ۾ گڏيل واپار، زرعي تعاون، اقتصادي رابطن ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت موجب ملاقات دوران تاجڪستان جي سفير وفاقي وزير کي سيپٽمبر ۾ رٿيل اقتصادي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني، ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ تاجڪستان وچ ۾ ڀائراڻا ۽ تاريخي لاڳاپا موجود آهن، جڏهن ته ٻئي ملڪ مذهبي، ثقافتي ۽ تهذيبي رشتن ۾ به ڳنڍيل آهن، هن چيو ته وچ ايشيا ۾ تاجڪستان پاڪستان جو هڪ اهم ۽ اعتماد جوڳو حصيدار آهي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان تاجڪستان سان واپار ۽ اقتصادي تعاون کي وڌائڻ جو خواهشمند آهي. ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري ڳاڻيٽي ۾ واڌ، وقت جي اهم ضرورت آهي، جنهن لاءِ واپار جا نوان موقعا ۽ متبادل واپاري رستن کي ڳولڻو پوندو، راڻا تنوير حسين چيو ته پاڪستان جي زرعي پيداوار، فوڊ پروسيسنگ، لائيو اسٽاڪ، زرعي ٽيڪنالاجي ۽ ويليو ايڊيشن جي شعبن ۾ تاجڪستان سان تعاون جا وسيع امڪان موجود آهن. ٻئي ملڪ گڏيل واپار ۽ مهارتن مان فائدو کڻندي زرعي شعبي ۾ تعاون جا نوان رستا ڳولي سگهن ٿا. تاجڪستان جي سفير يوسف شريف زاده چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار ۾ گهٽتائي کي ختم ڪرڻ ۽ ٻطرفي واپار کي ٻيهر بهتر سطح تائين آڻڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ان مقصد لاءِ واپار جا نوان ۽ متبادل رستا ڳولڻ گهرجن. ڌرين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري رابطن کي هٿي ڏئي ڪاروباري برادري جا رابطا وڌائڻ ۽ زرعي غذائي شعبن ۾ تعاون جا نوان موقعا ڳولڻ لاءِ گڏيل ڪوششون جاري رکيون وينديون. ملاقات ۾ ان ڳالهه تي زور ڀريو ويو ته علائقائي رابطاڪاري، گڏيل واپار ۽ اقتصادي تعاون کي هٿي ڏئي پاڪستان ۽ تاجڪستان پنهنجن ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهن ٿا.